بلوچستان بحران تيز، جي يو آءِ جو ڄام جي حمايت کان انڪار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)بلوچستان عوامي پارٽي طرفان وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف 12 آڪٽوبر تي بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جي اعلان بعد ڄام ڪمال اپوزيشن جي جماعتن سانب رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. ڄام ڪمال ان ڏس ۾ مولانا عبدالغفور حيدري سان ملاقات ڪري کين حڪومت ۾ شموليت جي دعوت ڏني. غفور حيدري مولانا فضل الرحمان سان مشوري بعد کيس معذرت ڪري ڇڏي. غفور حيدري چيو ته ڄام ڪمال ٽن سالن تائين غير جمهوري رويو اختيار ڪيو، سندس مدد نٿا ڪري سگهون. ٻئي پاسي بلوچستان اسيمبلي جي اپوزيشن پارٽين جي اپوزيشن ليڊر ملڪ سڪندر ايڊووڪيٽ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنھن ۾ جي يو آءِ، بي اين پي ۽  پشتونخوا ميپ جي پارلياماني اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏھن تھ اجلاس ۾ وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي حوالي سان غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ بي اي پي جي ناراض  ميمبرز سان رابطا تيز ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. ٻئي پاسي صحافين سان ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته 12 ماڻھن جي چوڻ تي استعيفيٰ نھ ڏيندس، اسان جدوجھد جاري رکنداسين. ھن جو چوڻ ھو تھ بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) جا اڪثر ميمبر منھنجي حمايت ڪري رھيا آھن جڏھن تھ مونکي اتحادين جي مڪمل حمايت حاصل آھي. ڪجھھ ساٿي 4 دفعا پھريان بھ مونکي ھٽائڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آھن پر اسان جي ڪوشش آھي تھ وزير پنھنجي استعيفيٰ واپس وٺن. ياد رهي ته ڪابينا ۾ شامل ٽن وزير ڄام ڪمال تي عدم اعتماد ڪندي استعيفا ڏئي ڇڏي هئي جيڪا گورنر سيد ظھور آغا  منطور ڪري ڇڏي آهي. مستعفي ٿيندڙن ۾ ظھور بليدي، سردار عبدالرحمان کيتران ۽ اسد بلوچ شامل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو