اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجي ويو ته عوام جا مسئلا ختم ٿي ويندا.هڪ بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جڏهن پرڏيهي وزير ٿيو ته پاڪستان جي عالمي ساک بحال ٿي.فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته هن وقت رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊن جو مطالبو ڪري رهي آهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ عام چونڊون ضروري آهن، اليڪشن ڪميشن جلد چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪري.هن چيو ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي بحران غريبن کي جيئڻ جي جرئت کان محروم ڪري رهيا آهن.هن اهو به چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 90 لک غريب خاندانن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي.










