برصغير جي آزادي جو امر ڪردار شهيد هيمون ڪالاڻي

سنڌ جي سلامتيءَ ۾ جن سورمن پنهنجي دور ۾ همٿ ڀريو ۽ داد لائق ڪردار ادا ڪيو آهي هيمون ڪالاڻي به انهن مان هڪ آهي. هيمون ڪالاڻي جو جنم 11 مارچ تي پراڻي سکر ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو پيسو مل هو جيڪو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو.هيمون ڪالاڻي جو اصل نالو راهي هيمن هو، جڏهن ته هيمون کيس پيار مان ڪوٺيو ويندو هو.
هيمون ڪالاڻي، جڏهن سموري هندستان ۾ آزادي لاءِ ويڙهه جاري هئي ۽ ان وقت جا سورما پنهنجي ڌرتي ماءُ جي آجپي لاءِ جانين جا نذرانا ڏئي رهيا هئا تڏهن سکر جي هن نوجوان ۾ پڻ سنڌ جي آزاديءَ جي چڻنگ دکيل هئي. 1942ع جو دور هو تڏهن سنڌ ۾ حر تحريڪ زورن تي هئي جڏهن ته وچ هندستان ۾ مهاتما گانڌي هندستان خالي ڪريو واري تحريڪ هلائي رهيو هو. اهو اهڙو جذباتي دور هو جو ماڻهن جي دلين ۾ انگريز سامراج لاءِ نفرت جا آڙاهه پئي ٻريا. اهڙن پڙاڏن کان سکر جو هي نوجوان تمام گهڻو متاثر ٿيو. ان وقت هيمون ڪالاڻي اڃان هاءِ اسڪول جو شاگرد هو. سندس دل ۾ آزادي جي تڙپ ۽ انگريزن خلاف ڌڪار هن کي بيچين ڪري وڌو هو.
اها 23 آڪٽوبر جي رات هئي جڏهن خبر پئي ته فوجين سان ڀريل هڪ خاص ريل گاڏي اچي رهي آهي جيڪا سکر کان اڳتي گولابارود کڻي ويندي. هيمون کي ڄاڻ هئي ته اهو گولابارود ۽ انهي ريل گاڏيءَ ۾ سوار فوجي آزاديءَ جي متوالن لاءِ عتاب ۽ قهر ثابت ٿيندا.
جنهنڪري هن ۽ سندس ساٿين انهيءَ ريل گاڏيءَ کي ڪيرائڻ جو منصوبو رٿيو.
هنن گڏجي وڃي ريل جي پٽڙي کي اکيڙڻ شروع ڪيو، ٺيڪ ساڳي وقت تي هڪ سپاهي نالي فيروز خان کين ڏسي ورتو، هيمون جا سمورا ساٿي ڀڄي ويا پر هميون ڪالاڻي پڪڙجي پيو.
هيمون ڪالاڻي تي بي انتها تشدد ڪيو ويو، ان وقت ۾ جيڪي تشدد ڪري ڏوهه مڃرائڻ ۽ ايذائڻ جا طريقا موجود هئا اهي هن ڳڀرو نوجوان تي آزمايا ويا. تشدد ڪندڙن کي صرف انهن نالن جي ڄاڻ گُهربي هئي جيڪي ٽرين جي پٽڙي اکيڙڻ وقت ساڻس گڏجي آيا هئا پر هن آخر تائين ڪنهن به ساٿيءَ جو نانءُ زبان تي نه آندو. لاڳيتو 22 ڏينهن تائين تشدد ڪرڻ بعد هيمون ڪالاڻي کي نيٺ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو بيان دوران چيائين ته مون ريلوي لائن کي ان لاءِ اکيڙڻ ٿي چاهيو ته جيئن ان ۾ سوار فرنگي ناس ٿي وڃن، پر منهنجي بدقسمتي جو ناڪام ٿيس. آخر سرڪار کيس ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا شايد هڪ نابالغ ٻار کي ڏنل پهرين موت جي سزا هئي.
هيمونءَ جي سزا منظور ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل پيرزادي عبدالستار سندس مامي کي موڪليو ته هيمونءَ کان معافي نامي تي صحيح وٺي اچي ته کيس معافي ملي ويندي.
پر هيمونءَ اهڙي معافيءَ کان نابري واري ڇڏي ۽ چيائين ته مون اهڙو ڪو به ڏوهه ڪو نه ڪيو آهي جنهن تي مون کي پڇتاءَ هجي پوءِ معافي ڇاجي؟
جڏهن سندس ماءُ ساڻس ملڻ آئي ته هن به کيس اها ڳالهه ڪئي ته معافي نامي تي صحيح ڪري ڏي پر هن سورهيه نوجوان ايئن ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته هو جيل ۾ خوش رهندو هو، کيس ٻڌايل ڦاسيءَ جي سزا جو ڪو به خوف نه هو. اتي اڪثر چوندو رهندو هو ته هنن فرنگين کي هن ديس مان ڀڄائڻو آهي، جي آزاد ٿيس ته ان کان به وڌيڪ ڪم ڪندس جي نه ته پوءِ هڪ بهادر جو موت مرندس.
هيمون ڪالاڻيءَ کي پاڻمرادو معافي نه ڏني وئي، 21 جنوري 1943ع ڌاري هيمون ڪالاڻي پنهنجي عمر جي حساب سان اڃا نابالغ هو جڏهن کيس ڦاسي ڏني وئي. سچ پچ ته هيمون ڪالاڻي اسان سنڌين جي تاريخ جو فخر جوڳو، اُتساهيندڙ ۽ عظيم ڪردار آهي. اهڙي سورهيائي ۽ ثابت قدمي جو مثال شايد دنيا ۾ نه ملي سگهي جو هڪ معصوم ٻار تخته دار تي ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمي موت قبول ڪيو هجي.

Photo Facebook

( نوٽ ايڊيٽر طرفان اضافو، هڪ ڀيري معافي نامي تي صحيح کان انڪار بعد سندس والدين ڪافي پريشان هئا ۽ هيمون آڏو روئي رهيا هئا ته هيمون جيل انتظاميا کي چيو ته هنن کي ٻاهر موڪليو ۽ ٻيهر کين چئو ته مونسان ملڻ نه اچڻ ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته انهن جا هيڻا حال ڏسي منهنجو حوصلو پست نه ٿئي. هن بعد والدين سان ملاقات کان به انڪار ڪيو هو. مون بطور بي بي سي جي نمائندي 2007 ۾ ناگپور ۾ 94 سالن جي ديوان جو انٽرويو ڪيو هو جيڪو هيمون ڪالاني سان گڏ جيل ۾ هو، ان ٻڌايو هو ته اسر مهل جڏهن هيمون کي ڦاهي لاءِ وٺيو پئي ويا ته اسين سڀني جيل ۾ نعرا هنيا هئا ته هيمون ڪالڻي زنده باد، هيمو امر رهندو ۽ هي نوجوان هيمون ڪالاڻي مسڪرائيند وڪٽري جو نشان ٺاهي اونچي ڳاٽ سان اڳتي وڌندو رهيو. افسوس اهو آهي ته انگريزن خلاف آزادي جي جنگ جي هن نمايا سنڌي ڪردار کي پاڪستان جي ڪوڙي اسلامي تاريخ جي پنن ۾ دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر وقت جي تاريخ ان مير کي مٽائي امر ڪردار کي اجاگر ڪيو. هندوستان ۾ سندس وڏو پتلو بڻائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي پر پاڪستان ۾ کيس ڀڳت سنگهه جيتري به پذيرائي نه ملي. ايڊيٽر جي اضافي نوٽ کانسواءِ هي مواد واٽس ايپ گروپ ۾ بنا نالي گردش هيٺ هو جيڪو سندس ورسي جي مناسبت سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.)

پهنجو تبصرو موڪليو