بحريا ٽائون جي ملندڙ رقم تي سنڌ سرڪار ۽ وفاق ۾  پيدا ٿيل ڦڏو 

محمد اسماعيل لانگاھ

موجوده پي ٽي آءِ سرڪار ۽ سنڌ حڪومت ۾ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض وٽان ملندڙ پئسن تي گذريل هڪ هفتي کان وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آهي،  ايتري قدر جو پي ٽي آء جون سنڌ ۾ سموريون اتحادي پارٽيون  جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم شڪايتون کڻي وڃي وزير اعظم وٽ پهتيون جتي کين سنڌ سرڪار خلاف وزير اعظم آڏو  شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا،  ۽ کين وزير اعظم پاران به اتحادين جي ڪيل روبرو شڪايتن بعد کين چيو ته سنڌ سرڪار بلڪل ناڪام آهي ۽ ڪرپشن جا ٺوث ثبوت مليا آهن هڪ طرف اتحادين پاران وزير اعظم آڏو سنڌ سرڪار خلاف شڪايتون ڪيون ته ٻئي پاسي کين مطالبن تسليم نه ٿيڻ جون دانهون  به ڪيون،  ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ خاص پيڪيج جي گهر ڪئي ۽ جي ڊي اي اڳواڻن علي گوهر مهر،  ذوالفقار مرزا، اياز لطيف پليجو،  فهميدا مرزا،  ۽ ٻين وزيرا عظم سان ملاقات دوران سندن اتحادين جا ڪم نه ٿيڻ جا ڏوراپا به ڏنا سنڌ مان اتحادي پارٽين جو وزير اعظم آڏو هي ڪو پهريون ڏوراپو ناهي،  پر وزيراعظم کين شڪايتن کي ليکي ۾ به اڃا تائين نه آندو آهي ته مٿان وري هاڻي جڏهن بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض پاران بحريا ٽائون ۾ ايندڙ زمين جو معاوضو ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي ته ملندڙ سموري رقم وفاقي سرڪارچيو ته اسان کي ڏني وڃي زمين وفاق جي آهي سمورو پيسو  اسان کي ملي اهڙي دعوي بعد سنڌ سرڪار  پاران سُپريم ڪورٽ ۾ وفاقي سرڪار خلاف درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته زمين سنڌ جي آهي ۽ وفاق زبردستي پنهنجو حق ثابت ڪري رقم ڦُرڻ چاهي ٿي جيڪا سراسر ناانصافي آهي،  پهرين به سنڌ جا ڪروڙين رپيا وفاق ڦٻائي ويٺل آهي جنهن سبب سنڌ اندر ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۾ تاخير ٿي رهي آهي تنهن ڪري بحريا ٽائون جي پئسن تي وفاقي سرڪار جو  ڪو به حق نٿو ٺهي،  سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ پاران داخل ڪيل درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي  ته بحريا ٽائون ڪراچي جا 460 ارب رپيا سنڌ ۾ فلاحي ۽ سماجي ڪمن لاءِ خرچ ڪيا ويندا درخواستگذار محمود اختر نقوي سپريم ڪورٽ کي درخواست وسيلي استدا ڪئي ۽ هن سنڌ جي مفادن خاطر سپريم ڪورٽ کي آگاھ ڪيوته عدالت رقم جي صحيح استعمال لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ۽ سنڌ جي ميمبرن کي ان ڪميٽي ۾ شامل ڪيو وڃي،ڇاڪاڻ ته ڪيس سندس درخواست تي شروع ٿيو هو سنڌ کي بحريا ٽائون پاران ملندڙ ساڍن چئن ارب رپين واري تي رقم تي وفاقي سرڪار پنهنجو قبضو ڄمائڻ چاهي ٿي پهرين به سنڌ جي وسيلن تي وفاق جو قبضو آهي سنڌ جي تيل،  گئس،  ۽ ٻين وسيلن جي رائلٽي مان پورو حق نه پيو ملي ۽ ايتري رقم وفاق کي هرگز نه ڏينداسين پر وفاقي سرڪار طرفان اٽارني جنرل ذريعي پئسا وٺڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي درخواستگذار سپريم ڪورٽ آڏو  موقف ۾ ٻُڌايو ته جڏهن زمين سنڌ جي آهي ته وفاق جو پئسن تي ڪيئن حق ٿئي ٿو هيڏي وڏي رقم تي ڦڏو ٿيڻ کان پوء وزير اعظم جي خاص معاون اطلاعات کاتي واري وزير محترمه فردوس اعواڻ بيان جاري ڪيو آهي ته سنڌ ۾ جيڪڏهن گورنر راڄ لڳايو به ويو ته هن کي ڪير روڪي نٿو سگهي محترمه جي بيان بعد سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير  پاران چيو ته وفاق کي سنڌ ۾ گورنر راڄ فوبيا ٿي وئي آهي جيڪو انهن جي وس کان ٻاهر آهي،  پر سنڌ حڪومت جي تبديلي جون ڳالهيون پي ٽي آء سرڪار اچڻ کانپوء هروقت گردش ڪنديون رهنٿيون شايد تبديلي جو هو جوڳو وقت کين نه ملي رهيو آهي،  پر اهو قبل ازوقت هوندو،  هاڻي بحريا ثائون وٽان ملندڙ چار سئو سٺ 460 ارب رپين جي رقم جون خبرون ٻُڌندي ئي ٻنهي حڪومتن کي عوام جي خدمت جو وڏو اونو اچي لڳو آهي 

بي بي سي موجب برطانيه مان ايندڙ رقم جي سپريم ڪورٽ کي منتقلي جي حوالي سان مختلف حلقن پاران اهو سوال ڪيو پيو وڃي ته اهي پئسا بحريا ٽائون ڪراچي جي ڪيس ۾ ملڪ رياض تي واجب الادا رقم جي مد ۾ سپريم ڪورٽ کي ڪيئن منتقل ڪري سگهجن ٿا هوڏانهن  احتساب بابت وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر ملڪ رياض جي خاندان ۽ برطانوي حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ نبيري مان ملندڙ 19 ڪروڙ پائونڊ( 38 ارب رپيا) تي واضح ڪيو آهي ته ان رقم کي وفاقي سرڪار سماجي ڀلائي لاءِ استعمال ڪندي، هن چيو ته نبيري جي معاهدي ۾ ون هائيڊ پارڪ جو وڪرو ۽ ان مان حاصل رقم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي منتقل ڪرڻ به شامل آهي، اها رقم سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي نيشنل بئنڪ اڪائونٽ ۾ منتقل  ڪياويا، شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت سماجي ڀلائي ۽ غريبن تي خرچ ڪرڻ لاءِ اها رقم حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ۾ ڏني آهي في الحال ٻئي حڪومتون پرائي پئسي تي اٽڪجي پيون آهن ترقياتي منصوبا،  عوام جي فلاح،  بهبود لاء واقعي جيڪڏهن وفاق يا سنڌ هي رقم وصول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون ۽ سچي دل سان اهو پئسو عوامي ڪمن جنهن ۾ روزگار جا وسيلا پيدا، ڪرڻ مهانگائي گهٽائڻ،   صحت تعليم سميت ڏورانهن علائقن ۾ مٺي پاڻي جون اسڪيمون ڏنيون وڃن ته ڪُجھ قدر عوام جي اهنجن ۾ گهٽتائي اچي ويندي پر،  جڏهن کان پي ٽي آء سرڪار عوام سان جيڪي واعدا ڪري اقتدار ماڻيو آ ته ان هڪ به واعدي کي وفا نه ڪيو ويو آ،  نيب معرفت مليل اربين رپين جي وصولي باوجود ملڪ جي معيشت ويتر ڪمزور،  ۽ مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي پئي اها ته وفاق جي هڪ سال جي ڪارڪردگي آهي پر سنڌ جي ڏهن سالن جي ڪارڪردگي به مطمئن بخش ناهي رهي،  جيڪي ڪم سنڌ ۾  پ پ سرڪار کي ڪرڻ گهربا هئا اهي ڪرائي نه سگهي،  جنهن ۾ روڊ رستن جي مرمت ،  شهرن جي اسپتالن جي بهتر حالت، پاڻي جا منصوبا،  تعليم جي تباهي جو حل ۽ ٻيا ڪيترائي مسئلا سنڌ سرڪار لاء چيلينج بڻيل آهن سو وفاق توڙي سنڌ سرڪار کي عوام سان اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته بحريا ٽائون جي ملندڙ رقم بجاء عيش ڪرڻ جي عوام تي خرچ ڪبي ٻي صورت ۾ عوام جو اعتماد ٻنهي سرڪار سڳورين تان کڄي چُڪو آهي وفاق پاران پيدا ڪيل موتمار مهانگائي جو مرض ۽ سنڌ سرڪار جي غير اطمينان بخش ڪارڪردگي سبب صوبي اندر بيچيني واري ڪيفيت پيدا ٿي چُڪي آهي سو عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاء پيسو وٺڻ کان پهرين عوام جي فلاح تي ڌيان ڏنو وڃي ته بهتر ٿيندو باقي ٽڪراءُ واري سياست منجهان عوام کي ڪوبه نفعو نه پهچندو .

پهنجو تبصرو موڪليو