بجلي چور احتجاج ٿا ڪن، بليڪ ميل نه ٿينداسين، انجنيئر

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ) سپڪو انجنيئر شفقت حسين لاشاري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ سب ڊويزن اندر بجلي چورن خلاف آپريش ڪندي سوين غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آھن جنھنجي نتيجي ۾ ٻن فيڊرن ۾ لوڊشيڊنگ جوبلڪل خاتمون ڪندي  انهن کي لوڊشيڊنگ فري قرار ڏنو ويوآھي۔ ھن وڌيڪ چيوته باقي ٽن فيڊرن اندربجلي چورن خلاف آپريشن جاري آھي ۽ بجلي چورن خلاف کنيل قدم کانپو۽ ڪجهه مافيائون سيپڪو خلاف غيرقانوني احتجاج ڪندي سيپڪو کي پنھنجي مقصد کان ھٽائڻ ۽ بجلي چورن کي بچائڻ لا۽ سرگرم ٿي ويون آھن پرکين سيپڪوانتظاميه سندن ڪنھن به قسم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندي. هن چيو ته قومي اداري جي بھتري ۽ عوام کي لوڊ شيڊنگ کان آجوڪرڻ لا۽ ھرممڪن ڪوشش جاري رکبي۔ ھن ان موقعي تي ڪنڌڪوٽ جي عوام کي اپيل ڪندي چيو ته سيپڪو انتظاميه سان سھڪارڪندي بجلي چورن جي نشاندھي ڪئي وڃي۔ جڏھن ته ان موقعي تي سيپڪو يونين چئرمين اصغربجاراڻي ۽ محمديونس ملڪ پڻ موجودھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو