عبدالوحيد عباسي
هن اڪيلائي واري رات ۾ جڏهن ته هر پاسي خاموشي ڇانيل آهي، مان جاڳي رهي آهيان.
سوچندي سوچيندي، هن ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ انهن نم آلين اکين سان، مون هي خط لکڻ جي همت ڪئي آهي. شايد منهنجو روئڻ توهان تائين پهچي. شايد ڪنهن جي دل ۾ رحم جاڳي پوي،
واپڊا وارا چاچا، مان هڪ مزدور، پورهيت ماءُ آهيان.اها ماءُ جيڪا پنهنجن ٻارن لاءِ سلائي ڪري روزي ڪمائي ٿي. مان سڄو ڏينهن سلائي مشين تي ويٺي آهيان. منهنجون اکيون آليون روئڻهارڪو ٿي ويون آهن ، مان هن مهانگائي ۾ ڏينهن رات جو محنت پورهيو ڪري ٿڪجي پوان ٿي منهنجا هٿ ٿڪجي پون ٿا، پر مان پنهنجي ٻارن جي خاطر سڀ ڪجهه برداشت ڪريان ٿي. پر منهنجو سڀ کان وڏو ڏک اهو آهي ته ڏينهن ۾ به بجلي بار بار لوڊشيڊنگ جي ڪري هلي ويندي آهي. جنهن ڪري
منهنجو ڪم بار بار بند ٿي ويندو آهي. جيڪي ڪپڙا وقت تي پهچائڻا هوندا آهن اهي دير سان ڏيندي آهيان ۽ منهنجي ڪمائي اڌ ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن رات ايندي آهي. اهو وقت هوندو آهي جڏهن مان آرام سان ويهندو آهيان ۽ پنهنجا اڻپورا ڪم مڪمل ڪري سگهان. جيڪڏهن ان وقت بجلي هوندي آهي ته منهنجا ٻار پکي جي هوا ۾ آرام سان سمهي سگهن ٿا ۽ مان پنهنجي سلائي مشين تي به آرام سان ڪم ڪري سگهان ٿي پر واپڊا وارا چاچا سائين! بار بار لوڊشيڊنگ، روشني جي کوٽ سبب ۽ گرميءَ جي وڌجڻ سبب نه ٻار آرام سان سمهي سگهن ٿا ۽ نه ئي مان ڪم ڪري سگهان ٿي،
مون کي ڪم ڇڏي سڄي رات هٿ سان وهنجڻي پنکڙي کي هٿ سان هلائڻو پوندو آهي.. مون جيان ڪيترن ئي ٻين روزاني مزدوري ڪندڙن وٽ UPS نه آهن ۽ نه ئي سولر سسٽم لڳائڻ جي وصيحت آهي. بس هڪ ننڍڙو گهر، هڪ سلائي مشين ۽ منهنجا ٻار. واپڊا وارا چاچا سائين! مان اڪيلي نه آهيان. مون جهڙيون ڪيتريون ئي ٻيون مائرون آهن جيڪي گهر ۾ سخت محنت ڪري رهيون آهن.
۽ ڪيترا ڀائر آهن جيڪي روزانو ڪم ڪرڻ لاءِ صبح سوير نڪرندا آهن، ڪنهن جو دڪان آهي، ڪنهن جو ننڍو ڪاروبار آهي. اهي رات جو به هڪ پرسڪون ننڊ چاهين ٿا ته جيئن اهي ٻئي ڏينهن پنهنجي روزي ڪمائي سگهن پر جڏهن سڄي رات بجلي نه هوندي آهي. تنهن ڪري نه ننڊ مڪمل ٿيندي آهي نه ئي ڪم مڪمل ٿيندو آهي ۽ ٻئي ڏينهن وڌيڪ ڏکيائي ٿي ويندي آهي. چاچا، ڇا توهان کي خدا جو ٿورو به خوف ناهي ڇا ؟ ڇا توهان کي ڪو به اندازو ناهي ته هڪ روزاني مزدوري ڪندڙ، هڪ مجبور ماءُ، هڪ غريب خاندان ڪيئن زندگي گذاري رهيو آهي ؟ توهان ٿڌين جڳهن ۾ ويٺا آهيو. واپڊا وارا چاچا اڪٿر واپڊا وارن جي گهرن ۾ ايئر ڪنڊيشن اي سي لڳل هوندي آهي ۽ علائقي جون ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي لائنون ڇڪل لڳل آهن تنهن ڪري توهان کي ته ذري جو به ڪو احساس نه هوندو!، توهان جا ته پنهنجا ٻار آرام سان سمهن ٿا نه!، ڇا توهان جي دل ۾ ٿورو به رحم ناهي، اسان ڪو به عيش عشرت نه ٿا گهرون. اسان صرف جيئڻ جو حق انسانيت جي ناتي گهري رهيا آهيون. واپڊا وارو چاچا سائين! خدا جي واسطي اسان تي رحم ڪريو. ڏينهن ۾ ۽ خاص طور تي رات جو ته بجلي جو ڪجهه خيال رکو ۽ رات جو ته ڪنهن به صورت ۾ بجلي بند نه ڪريو، ڪو به هٿرادو جهٽڪو ، وولٽيج گهٽ وڌ وارو نام نهاد چڪر نه ڪريو، جنهن سان پنهنجي پاڪستاني عوام جا گهرو سامان سڙي وڃڻ ٿا، فرج، موٽر مشين، واشنگ مشین، اسٽپلائيزر ، اي سي وغيره جي اوچتو گهٽ وڌ بجلي سبب شهرين جو لکين ڪروڙين روپين جو نقصان ٿئي ٿو، خدارا لوڊشيڊنگ ڪڏهن به نه ڪريو ته جيئن اسان به انسانن وانگر رهي ۽ جي سگهون. پنهنجن ٻارن کي سمهاري سگهون ۽ پنهنجي محنت جاري رکي سگهون. هي هڪ امڙ جا ڳوڙها آهن. انهن ازخود نڪرندڙ اکين مان ڳوڙهن جو قدر ڪريو ائين نه ٿئي ته ڪنهن امڙ، جيجل جيڪا آخري عمر پيرسني واري حالت ۾ توهان جي بار بار بجلي بند ڪرڻ لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي ذهني اذيت شديد پريشاني واري حالت ۾ درد ڀري دانهن، آهه و پڪار ڪري توهان جو سڀ ڪجھ ساڙي نه ڇڏي، سڀ ڪجهه پئسو به ته ناهي نه، احساسات، ڪيفيتون ، انساني درد به توهان کي به آهي، ائين ناهي ته سڀ واپڊا وارا انسانيت جو درد نٿا رکن، الله پاڪ جي قدرت سان انهن واپڊا وارن کي به ساڳئي دل، دماغ انساني چهرو باقي آهي ڪنهن پورهيت مزدور امڙ جي درد کي سمجهو ۽ انهن جي عرض گذارش کي ائين ٻڌي اڻ ٻڌي سمجهي خدارا نظرانداز نه ڪريو.










