خيال کتري
سنڌي چوڻيون پنھنجيءَ پر ۾ ھڪ اھم ۽ ڪارائتو مقصد پاڻ ۾ سمايل رکن ٿيون. جيڪي سنڌي ساڃاھ وندن جون چيل آھن. سي ھڪ وڏي تجربي ۽ مشاھدي جي عيوض جنم وٺنديون آھن. جن جو ھڪ اونهون مقصد ھوندو آھي. جنھن کي ٻن چئن لفظن جي ھڪ ننڍڙي جملي ۾ سمائي پيش ڪيو ويندو ھي. جنھن جي ٻڌڻ سان سامھون وارو ڀليءَ ڀت آگاھ ٿي ويندو آھي، تہ چوڻ وارو ڇا ٿو چوڻ چاھي. ان جي ان چوڻيءَ جو مطلب ڇا آھي؟
اھڙين سوين سنڌي چوڻين مان ھڪ چوڻي ھيءَ بہ آھي “اھو ڪي ڪجي جو مينھن وسندي ڪم اچي”
ھن جو سڌو سنئون مطلب ڪڍجي تہ ٿيندو “اھڙو ڪم ڪجي جو ڏکيءَ مھل ۾ ڪم اچي. ان چوڻيءَ جي تناظر ۾ اسين پنھنجي ماحول ۾ پنھنجي زندگي ڪيئن گذاريون؟ جو اسان جي زندگيءَ ۾ ايندڙ ڪنھن بہ تڪليف کي منھن ڏيڻ جي تياري اسان اڳواٽ ڪري ويٺا ھجون.
اسان کي ڪھڙي خبر تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ جنھن لاءِ اسين ان ٿيندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ اڄ ئي ہندوبست ڪري ڇڏيون. بلڪل بہ اسان کي ڪا خبر ڪونہ پوندي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ سڀاڻي اسان لاءِ منفي ھوندو يا مثبت؟ سڀاڻي اسان لاءِ فائديمند ھوندو يا نقصانڪار؟ سڀاڻي اسان جو ڪاروبار سرس ھوندو يا ٺَپ؟سڀاڻي اسان کي ڪم لڳندو يا نہ؟ خاص ڪري مزور طبقو جيڪو ڏھاڙيدار آھي. سو تہ صفا بي يقينيءَ جي ڪيفيت ۾ اللہ جي آسري جيئندو آھي.
انهيءَ بي يقينيءَ واري ڪيفيت کي مدنظر رکندي سياڻن ھيءَ چوڻي جوڙي پنھنجي ڌرتي واسين کي نہ رڳو ڪنھن اڻ ٿيڻي ڳالهـ جي ٿيڻ جي امڪانن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، پر ان اڻ ٿيڻي عمل جي تياري ڪرڻ تي پڻ زور ڀريو آھي. تہ ماڻهو پنھنجي آئيندي جي ايندڙ منفي اثرات لاءِ ڪجهـ مثبت وکر جوڙي رکن. جيڪو انھن کي پيش ايندڙ ڏکئي وقت ۾ ڪم اچي سگهي.
ھن چوڻيءَ جو سادن لفظن ۾ اھو تت ٿيندو تہ اڄ اسين جيڪو ڪمايون پيا، ان سموري کي کپائڻ جي بدران ان مان قليل رقم پاسي تي رکي ڇڏيون يا ڪمائيءَ جو ٿورڙو حصو پاڇي ڪري ٽاري ڇڏيون. جيڪو ايندڙ اوکي وقت ۾ ڪتب آڻي سگهجي.
اسان جي سماج ۾ گهڻائي مزور يا ڏھاڙيدار طبقي جي آھي. جيڪي آڻين ۽ چاڙھين واري سطح تي بيٺل آھن. ھيءَ چوڻي “اھو ڪي ڪجي جيڪو مينھن وسندي ڪم اچي” خاص ڪري انھن لاءِ ئي چيل آھي. پر ان چوڻيءَ جو مصداق معاشري جو ھر فرد پڻ آھي. ڇاڪاڻ تہ ڪڙو وقت ڪنھن تي بہ اچي سگهي ٿو. ننڍي مالي حيثيت رکندڙن کي ننڍا لوڏا تہ وري وڏي مالي حيثيت رکندڙن تي وڏا لوڏا اچي سگهن ٿا. تڏھن تہ ٻئي چوڻي بہ آھي تہ “جيڏا اٺ تيڏا لوڏا”.
حاصل مقصد تہ ھن وقت مينھوڳيءَ جي مند جھڙن ڏينھن ۾ ڪافي ڏھاڙيدار طبقو مالي بحران جو شڪار ٿين ٿا. جيڪي پنھنجو گذر سفر ڪرڻ جي حالت ۾ نہ ھوندا آھن. ۽ پنھنجي عيال جي پيٽ قُوتَ لاءِ ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ماني ڀور جو بندوبست ڪري سگهندا آھن.
ان کان سواءِ مينھوڳيءَ جي موسم ۾ ڪافي جڳھين جا نقصان پڻ ٿيندا آھن. انھن نقصان جي ور چڙھندڙ تقريبََا غريب مسڪين طبقو گهڻو ھوندو آھي. جو انھن جون جايون ڪکائيون يا ڪچا گهر ھوندا آھن. جيڪي برسات ۾ متاثر ٿيڻ کان بچي ڪونہ سگهندا آھن.
برسات سبب ٿيندڙ گهرن جي ڀتين، ڇتين يا فرشن جي نقصان جو پورائو ورلي اھڙا ماڻهو سگهندا آھن. جيڪي مٿئين پھاڪي يا ڇوڻيءَ تي عمل ڪندي ڪجهـ آمدنيءَ جو حصو بچائي رکندا آھن. باقي ٻيا ويچارا پٽ سٽ ڪري يا اوڌر سوڌر ڪري ڪريل ڀت يا ٽمندڙ ڇت کي مرمت ڪرائيندا آھن. باقي جيڪي آيو سو کپايو جي اصول تحت زندگي گهارين ٿا سي پوءِ ڪريل ڀت جي جاءِ تي رلي ٽنگي پردي جو ڀرم رکندا آھن ۽ وھندڙ ڇت جا سوراخ پراڻن ڪپڙن، لٽن جي ليڙن ۽ ڪاڳرن سان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.
ھر فرد کي گهرجي تہ ھو نوڪريءَ ۾ ھجي يا دڪاندار ھجي. سرمائيدار ھجي يا جاگيردار ھجي. پگهاردار ھجي يا ڏھاڙيدار ھجي. ھر ھڪ کي پنھنجي زندگي قناعت سان گذارڻ گهرجي. ۽ پنھنجي ڪمائيءَ جو ڪجهـ حصو پاسي تي ٽاري پساري ڇڏڻ گهرجي. جنھن کي سواءِ ايمرجنسيءَ جي حالت جي ھٿ بہ لاھي. تہ ان ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ايندڙ ڪابہ ڏکي گهڙي ايترو پريشان ڪونہ ڪندي، جيترو خالي ھٿين ھئڻ ۾ ٿئي ٿو.
خالي ھٿين ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو محتاج ٿِي ان کي مالي مدد ڪرڻ يا اوڌارا ٽڪا ڏيڻ لاءِ آزيون نيزاريون ڪرڻيون پون. تنھن ڪري بھتر عمل اھوئي آھي تہ اسين جيڪو بہ ڪمايون تنھن مان مخصوص حصو مينھن وسنديءَ مھل لاءِ ڪڍي رکي ڇڏيون. وقت اچڻ تي پنھنجٖي مان پنھنجوئي ڪريون. ٻين جي محتاجي ڪرڻ يا ڪاڻ ڪڍڻ کان بچي پئون.










