اڳوڻو گورنر عمران اسماعيل ايف آءِ اي طلب

اڳوڻو گورنر عمران اسماعيل ايف آءِ اي طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) منع ٿيل فنڊنگ ڪيس جي جاچ ۾ اڳوڻي گورنر سنڌ عمران اسماعيل کي به طلب ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کانسواءِ پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر سيما ضياءَ کي به طلب ڪري ورتو آهي. ان کانسواءِ ٻن خانگي بئنڪن جي آفيسرن کي به ايف آءِ اي آفيس طلب ڪيو ويو آهي. خانگي بئنڪن جي آفيسرن کي 10 آگسٽ تي ايف آءِ اي آفيس ڪراچي ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر سيما ضياءَ کي 12 آگسٽ ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل کي 15 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو