اڳوڻو نيول چيف ڪرامت نيازي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سامونڊي فوج جو اڳوڻي ڪمانڊر ايڊمرل (ر) ڪرامت رحمان نيازي کي فوجي اعزاز سان جنازي نماز بعد دفنايو ويو. سندس آخري رسمن نيول چيف ايڊمرل امجد خان نيازي سميت نيوي جي سينئر آفيسرن ۽ ٽنهي هٿيار بند فوجن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪرامت رحمان نيازي پاڪستان جي پهرين آبدوز غازي جو ڪمانڊر رهيو بعد ۾ هو آبدوز جي فليٽ جو ڊائريڪٽر به رهيو. 1948 ۾ رائل نيوي ۾ شامل ٿيندڙ هن ڪمانڊر 1965 ۽ 1971 جي جنگين ۾ حصو ورتو. 1965 جي جنگ ۾ هن پهرين آبدوز غازي ذريعي ڀارتي جنگي ٻيڙن کي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيڻ ئي نه ڏنو هو. هن کي نشان امتياز (فوجي) ستارو جرئت به عطا ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو