اعجاز علي سوڍر
هميشه جي اڪيلائپ انسان کي هڪ عذاب محسوس ٿيندي آهي. جنهن ڪري هو اڪيلو رهڻ کي ناپسند ڪندو آهي. انسان کي سوشل جانور چيو ويندو آهي. انسان ۾ اها فطرت قدرتي طور رکيل آهي ته هو پنهنجي جنس سان گڏجي رهڻ کي پسند ڪندو آهي. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته الله خالق ڪائنات انسان جي تخليق صرف هڪ انسان مطلب حضرت ڏاڏي آدم عليہ السلام منجھان ڪئي آهي. حضرت حوا عليها السلام جي تخليق به حضرت آدم عليہ السلام منجھان فرمايائين ته جيئن انسان منجھ اُنس ۽ محبت رهي. انسان کي اڪيلائپ به درد ڏيندي آهي. هو پنهنجي هر خوشي يا هر غم ڪنهن نه ڪنهن سان ونڊڻ چاهيندو آهي. سندس هر اها خوشي جيڪا ٻئي سان ونڊي ٿو، ٻيڻي ٿي وڃي ٿي ۽ جڏهن ڪنهن سان غم ونڊي ٿو ته اهو هلڪو ٿي ويندو آهي ۽ دل تان ڪافي بار لهي ويندو آهي. اها انساني فطرت آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هي ڳوٺ ۽ ننڍا وڏا شهر جڙيا آهن. انسان پنهنجن رشتن ۾ هڪ احساس جي ڏور ۾جڙيل رهي ٿو. رشتا الله رب العزت جي هڪ ناياب نعمت آهن. انسان رشتن ۽ دوستيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ پري پري جا سفر ڪري به پهچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن اهي رشتا ۽ دوستي سلامت رهي. اڳي اسان جا وڏڙا ڳوٺن ۾ ڪنهن ڇپر يا اوطاق ۾ رات جي وقت پنهنجن ڪمن ڪارين کان فارغ ٿي ويهندا هئا ته جيئن هڪ ٻئي کي پنهنجا حال احوال ٻڌائي سگھن ۽ هڪ ٻئي سان پنهنجا ڏک سور ونڊي سگهن. برادري ۽ مٽ مائٽن جي خبرچار وٺندا هئا ۽ خير خيريت پڇندا هئا. انهيءَ ڪچهريءَ ۾ وري بيت، ڏور، ڳجھارت، ڪلام، گيت ۽ غزل جهڙيون صنفون به ٻڌڻ لاءِ ملنديون هيون. وڏڙا گڏجي ويهي ڳوٺ ۽ تَر جا حال احوال هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هئا ۽ برادري ڀائپي جي مسئلن تي خيالات جي ڏي وٺ ڪري انهن جا حل تلاش ڪندا هئا. ننڍڙن کي نصيحتون ڪيون وينديون هيون. اوطاقون ننڍن، نوجوانن ۽ وڏن لاءِ تربيت گاهون هونديون هيون. نوجوان پٽن ۽ نياڻين جا رشتا به اوطاقن ۾ طئي ڪيا ويندا هئا. انهن رشتن طئي ڪرڻ ۾ به ڳوٺ جا وڏڙا گڏجي ويهي مشورا ڪندا هئا. مشورن کان پوءِ جيڪو فيصلو ٿيندو هو ان جو اعلان ڪيو ويندو هو. نڪاح به اوطاقن ۾ ئي ٿيندا هئا. ڪنهن به ننڍي کي وڏڙن جي ڪيل فيصلي جي خلاف ڳالهائڻ جي جرئت نه هوندي هئي. اهو دور به ڏاڍو عجيب دور هو جو نياڻيون ته پري جي ڳالھ آ پر ڪو ڇوڪرو ڳوٺ جي ڪنهن به وڏڙي جي سامهون مٿو اگھاڙو ڪري نه سگھندو هو. وڏن جي سامهون ڏاڍيان ڳالهائڻ ته پري جي ڳالھ رهي پر ڪو کِل يا مذاق به نه ڪري سگھندو هو. ان دور ۾ وڏڙن جو تمام گھڻو ادب ۽ احترام ڪيو ويندو هو. ننڍڙن سان پيار ۽ شفقت وارو رويو هوندو هو. سڄو ڳوٺ هڪ ئي ڪٽنب جيان رهندو هو. ايئن پيو محسوس ٿيندو هو ڄڻ پورو ڳوٺ ڪنهن هڪ ابي جو اولاد هجي ۽ ٻين ڀر وارن ڳوٺن جا ماڻهو سندن سوٽ ۽ ماسات هجن. اهو دور هو جڏهن مکڻ، لَسي، ماني، کير، مٺائي ۽ ڀَت کي اعلى خوراڪ سمجھيو ويندو هو. ڳوٺ جي ڪنهن به هڪ فرد جو غم ۽ ڏک پورو ڳوٺ برابر محسوس ڪندو هو. ڳوٺن ۾ موجود اوطاقون ڪورٽون به هونديون هيون ته وري غمي ۽ خوشيءَ ۾ پنهنجن جي مِلڻ ۽ غمخواري ڪرڻ جون جايون به هونديون هيون. هر آئي کي عزت ۽ احترام سان نوازيو ويندو هو، خوب خوشيءَ سان مهمان نوازي ڪئي ويندي هئي. ڪنهن مهمان جي اچڻ تي دل سرهي ٿيندي هئي. مهمان کي چڱو چوکو چاڙهي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. هر گھر ۾ سادگي هوندي هئي. ڳوٺ ۾ ڪنهن جي به شاديءَ جو موقعو ايندو هو ته ڇپر جڙي ويندا هئا ۽ سمورو ڳوٺ خوشي خوشي مهمانن جي آمد لاءِ استقبال، رهائش ۽ کارائڻ جو بندوبست ڪرڻ ۾ لڳي ويندو هو. ايئن محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ سڄي ڳوٺ جي گڏيل خوشيءَ جو موقعو آهي. ڳوٺ جو هر هڪ فرد ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ رڌل هوندو هو. شادين ۾ دهل، شرنائي ۽ تؤتري وڄايا ويندا هئا. رخصتي کان هفتو ڏھ ڏينهن پهريان سڄي ڳوٺ جون عورتون گھوٽ جي گھر جمع ٿينديون هيون ۽ خوشيءَ ۾ سڀ گڏجي سهرا ۽ اباڻا ڳِيچ ڳائينديون هيون. شادي ۽ غمي ۾ ڀَتُ رڌڻ لاءِ جانورن جي گوشت مان وَھُ ڪڍي استعمال ڪيو ويندو هو. گوشت کي پچائي ان جي وَھُ ۽ رس ڪڍي گوشت کي کارن ۾ رکيو ويندو هو. چانور پچائي ان جي مٿان ان پڪل گوشت جي مُٺِ ڀري وجھي کائڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو هو. شاديءَ ۾ ڳوٺ ۽ تَر جا بزرگ مرد توڙي عورتون گھوٽ ۽ ڪنوار کي دعائن سان نوازيندا هئا. ڪنهن جي به فوتگي ٿيندي هئي ته پورو ڳوٺ صدمي ۾ هوندو هو. هر اک آلي هوندي هئي، سڀني جي چهرن تي رنج ۽ الم واضع نظر ايندو هو. خبر ئي نه پوندي هئي ته ڪهڙي گھر جي فوتگي ٿي آهي. مهينن تائين ڪوبه ڳوٺاڻو ڪا خوشي نه ڪري سگھندو هو. ٻارڙا به عام سادي زندگيءَ ۾ ڏاڍا خوش رهندا هئا. مٽيءَ جا ننڍڙا رانديڪا ٺاهي انهن سان پيا دل وندرائيندا هئا يا ڪاٺين جي ٺهيل رانديڪن کي پنهنجي خوشيءَ جو ذريعو سمجھندا هئا. سَرن جون تيليون ڪڍي پلاسٽڪ جي ڪَلين سان لغڙ ٺاهي اڏائيندا هئا، ڏِڪي ڏڪر، چِدا (بلور)، والي بال، ڪوڏي ڪوڏي، ونجھ وٽي، ڦِر ڦِر سوٽو، اک ٻوٽ ۽ لڪ لڪوٽي پسنديده رانديون ڪندا هئا. ڇوڪريون وري ڪوڏِيون وٺي يا پراڻن ڀڳل ٺڪرين مان ڪوڏِيون ٺاهي راند ڪنديون هيون. رسيءَ جو پينگو ٺاهي لڏنديون هيون، پراڻن ڪپڙن منجھان ننڍڙا ٽڪرا ڪٽي انهن منجھان گُڏيون ٺاهي انهن سان کيڏنديون هيون. عورتون گھرن جو ڪم ڪار بهتر نموني سان ۽ سليقي سان ڪنديون هيون. امڙيون صبح جو فجر جي وقت جاڳي مينهون يا ڍڳيون ڏهي لَسي ولوڙڻ لڳنديون هيون. ڌونئرو ۽ مَهي به الڳ ڪڍي رکنديون هيون بعد ۾ کير کي ولوڙي ان منجھان مکڻ ڪڍي لَسي ٺاهي رکنديون هيون، پوءِ ڳوٺ جا ٻارڙا ننڍا لوٽا يا گهاگھِريون کڻي لَسي وٺڻ ايندا هئا. انهن سڀني کي ڏاڍي پاٻوھ سان لَسي ڏينديون هيون ۽ ان لَسي ۾ مکڻ جو ذرو به لازمي وجھي ڏينديون هيون. ان وقت ۾ کير کپائڻ کي عيب سمجھيو ويندو هو ۽ بناسپتي گِيھ خريد ڪرڻ کي به هڪ تمام وڏو عيب سمجھيو ويندو هو. گھرن ۾ صبح جو ساجھر ئي ٻهارو ڏئي صفائي ڪري ڇڏينديون هيون. بعد ۾ ٻارڙن کي اسڪول لاءِ تيار ڪرڻ ۽ مَردن کي گھر کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ڪرڻ ۾ جنبي وينديون هيون. تنهن کان بعد جانڊھِ يا جنڊ تي اٽو ۽ چانور پيڙهينديون هيون. گھرن ۾ چانور، جوئر، ٻاجھري ۽ مڪئي جي اٽي جي ماني مکڻ، مُستي، ڳڙ يا لَسيءَ سان کائي خوش ٿيندا هئا. ڪڻڪ جي ماني قسمت سان کاڌي ويندي هئي. ٽماٽا ته ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ايندا هئا. گھرن ۾ ٿانوَ ۽ ڪپڙا ڌوئڻ سان گڏ پراڻين ڀِتين جي مرمت، رانڱو ڪرڻ، جَنڊ پيهڻ، گُندڙا ۽ گُنديون ٺاهڻ، پاڻيءَ جا دِلا رکڻ لاءِ دِڪيون ٺاهڻ، سانجڻ لاءِ چُلھ جا مارنگ ٺاهڻ، چلها ٺاهڻ، مانيءَ لاءِ دٻڪيون ٺاهڻ، مانيءَ جي لاءِ رومال تي ڀرٿ ڀرڻ، رليون ۽ ويهاڻا سبڻ، سَوِڙون ٺاهڻ، چادرون سبڻ، کٽن کي مٿي ڪرڻ لاءِ انهن جي پاوَن جي جاءِ تي ٺُلھ ٺاهڻ، مَنهن جوڙڻ، ڇتين کي گارو ڪرڻ، ڪڪڙن لاءِ کُڏيون ٺاهڻ، مال لاءِ آهورا ٺاهڻ، مال کي گاھ جي ڪتر ننڍي ڪهاڙي سان ڪري ڏيڻ، رسا وٽڻ، کارا ٺاهڻ، کٽون واڻڻ، کجي جي پنن جي ٺهيل ٽُٻڙين ۾ زمينن مان وڃي پلي، ساڳ، هرٻو، سُوئا، ڄانڀو ۽ ڌاڻا وغيره پٽي اچڻ ۽ ڪپڙا سبڻ وغيره جهڙا انيڪ ڪم اهڙا آهن جيڪي عورتون تمام سٺي طريقي سان ڪنديون هيون. پنهنجي قريبي رشتيدارن سان ملاقات وقت عورتون پنهنجي هٿن تي رئو ڏئي ان ذي محرم رشتيدار سان هٿ ملائينديون هيون ۽ اهو مرد سندن مٿي تي هٿ رکندو هو. تمام سادگيءَ سان صاف سٿري زندگي بسر ڪئي ويندي هئي. مرد صبح جو سويل نماز پڙهي قرآن مجيد جي تلاوت ڪري لَسي، مَهي، مکڻ ۽ ڌونئري سان ماني کائي زمينن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا هئا. عورتون مجهند جو ماني پچائي ٻَنيءَ تي کڻي وينديون هيون. جڏهن فصل کڻڻ جو وقت ايندو هو ته اَن کڻي ڳوٺ جي غريب گھرن ۾ پاڻ پهچائي ايندا هئا، مسجدن جا الڳ حصا ڪڍندا هئا، الله رب العزت جي نالي جو حصو به لازمي ڪڍندا هئا جيڪو بعد ۾ ڪنهن مستحق کي ڏئي ايندا هئا. ان وقت سفر به پيدل، بيل گاڏي يا گڏھ ۽ گھوڙي جي سواري ذريعي ڪيو ويندو هو. وڏڙا کجين جي ڦرحين جا ٺهيل ڇٻا کڻي شهر منجھان ڀاڄي ۽ ٻيو سيڌو سامان وٺي ايندا هئا. خالص کاڌا کائڻ ڪري بيمارين جو جنجھٽ به تمام گھٽ هوندو هو. هلڪي ڦلڪي بيماريءَ جي لاءَ ديسي ٽوٽڪا يا ڪو ڏَس پَتو ڪندا هئا يا ڳوٺاڻن ننڍڙن دڪانن تي موجود ٽڪي ڦوٽو وٺي کائيندا هئا. اگر ڳالھ ڳري ٿي ويندي هئي ته پوءِ ڪنهن حڪيم وٽ علاج سانگهي ويندا هئا. ڏاڍو پيار ۽ احترام وارو دور رهيو. تمام گھڻو خلوص هو خصلت هئي، احترام هو عزت هئي، پيار هو پنهنجائپ هئي، عدل هو الفت هئي، ايڪو هو ايمانداري هئي، قرب هو ڪچهري هئي، حياءُ هو هيبت هئي، سُخن هو سڃاڻپ هئي، سچائي هئي، سهپ هئي، سڪ هئي. گھر ڪچا، دليون سچيون ۽ ايمان پڪا هوندا هئا. سوير سمهڻ ۽ سوير اٿڻ جي عادت هوندي هئي. ان دور کي اڄ ياد ڪري اکين ۾ آب اچي ٿو ته اهڙي سونهري دور کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي جو اڄ اهي اوطاقون ۽ ويڙها ويران نظر اچن ٿا. اڄ اسان جي ڳوٺن ۾ اها رونڪ، اها عزت، اهو احترام، اها الفت، اهو چاھ، اها سچائي، اها ايمانداري، اها پنهنجائپ، اها سهپ، اها سِڪ، اهو خلوص، اها محبت ۽ اها خصلت باقي نه بچيا آهن. اڄ اسان جا ڳوٺ انهن خوبين کان تقريبًا خالي ٿي ويا آهن. اڄ اهي وڏڙن واريون يادون روئڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن. اسان پنهنجي ثقافت ۽ سڃاڻپ به وڃائي ويٺا هون. اسان پنهنجن وڏڙن کان مليل تهذيب ۽ تمدن به وساري ويٺا هون. اڄ اسان جي ڳوٺن ۾ جدت جو جنون آهي. اها جدت جيڪا وڏن شهرن ۾ اچي واهيرا ڪري ويٺي، ان ئي جدت اسان جا جيرا جلائي ڇڏيا ۽ اسان جي خالص ڳوٺاڻي زندگي به ملاوٽ جي وَر چڙهي تباھ ۽ برباد ٿي وئي. اڄ اها مهمان نوازي، پنهنجن جا ڏک سور دور ڪرڻ، ٻين جي لاءِ قرباني ڏيڻ ۽ ٻين سان پنهنجن وارو وهنوار ڪرڻ ته پري رهيو ويتر ڀاءُ ڀاءُ جو ويري ٿي پيو، پٽ پيءُ جي سامهون ٿئي ٿو، ڌيءُ ماءُ کي دڙڪا ڏئي ٿي، دوست دشمني جو خنجر ڪڇ ۾ رکيون ويٺو آهي. ڪنهن کي به ڪنهن سان ڪو سروڪار ناهي. ڪو به ڪنهن جا ڏک سور حل ڪرڻ ته پري جي ڳالھ آ پر ٻڌڻ لاءِ به تيار نه آهي. ٻين جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي پيءُ پٽ جا يا پٽ پيءُ جا، ڀاءُ ڀاءَ جا، ڌيءُ امڙ جا يا امڙ ڌيءُ جا به ڏک سور ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي. ڪنهن وٽ به پنهنجن لاءِ ئي وقت ڪونهي ته هو ٻين کي ڇا وقت ڏئي سگھندو. هڪ گھر ۾ گڏ رهي به هڪ ٻئي کان ڪوهين دُور آهن. اسان ماڊرن ته بڻجي وياسين پر ان ماڊرنائيزيشن اسان کان گھڻو ڪجھ کسي ورتو آهي. مصنوعي کاڌ خوارڪ اسان جي ڳوٺاڻي زندگيءَ کي به هائبرڊ ڪري فارمي بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري مختلف قسمن جون موتمار بيماريون پيدا ٿي چڪيون آهن. هر شيءِ منجھ يوريا، تيزابيت ۽ زهريليون دوائون شامل آهن. بناسپتي گِيھ، مختلف قسمن جون مشروبات، وائيٽ پوائزن (کنڊ) ۽ ڪيميڪل زده ميڪ اپ جو سامان اسان کي هائبرڊ ۽ فارمي بڻائي رهيو آهي. اهو ادب، شرم، حياءُ، غيرت، لڄ، احترام ۽ سڪون ڳوٺن مان به آهستي آهستي موڪلائي رهيا آهن. انهن خوبين جا جنازا وقت بوقت کڄندا رهن ٿا. اسان جا جوان هوٽلن جا شوقين، سمارٽ فونن جا ديوانا، فرنگي ثقافت جا متوالا ۽ تعليم کان دور ٿيندا وڃن ٿا. اخلاص جي جاءِ تي ڌوڪو، فريب، ٺڳي، چاپلوسي ۽ چمچاگيري جنم وٺي رهي آهي. هر انسان ٻئي جو ويري ۽ دشمن بڻجي رهيو آهي، ايمان ۽ غيرتن جا سودا سرِعام ڪيا وڃن ٿا، ننڍا وڏڙن جي ڪا ڳالھ مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهن، ٿوري ٿوري ڳالھ تي بندوق تاڻي بيهي رهن ٿا، جنهن هٿ جي پڪل ماني کائن ٿا ان هٿ ۾ بري نيت رکن ٿا، سڄڻ کي دشمن ۽ دشمن کي سڄڻ سمجھن ٿا، شرافت کي سرِ بازار رسوا ڪن ٿا، ادب ۽ احترام کي پٺ تي اڇلائن ٿا ۽ جهالت جي اونداھ کي آڻن ٿا. دلين ۾ مَير رکيو وڃي ٿو، اسان جيڪو ڪجھ وڃايو آهي اهو اڄ جي حاصلات کان هزارين دفعا قيمتي سرمايو هو. ڪاش جو اسان پنهنجو اهو وڃايل ورثو واپس ماڻي سگھون. هاڻي ته صرف دعا ئي ڪري سگھون ٿا ته شل الله رب العزت ڪو رحم ڪري ۽ اسان کي اسان جو وڃايل سرمايو واپس ملي. هي سڀ ڳالهيون سوچي شاھ ڀٽائي رح جو هي شعر بار بار ياد اچي ٿو: اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيو مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
aijazsodhar58@gmail.com










