دادو (ن س) دادو جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ ام رباب جي گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم پي ايز سردار چانڊيي ۽ برهان چانڊيي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. ام رباب چانڊيو جي پيءَ، چاچي ۽ ڏاڏي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ٻيا نامزد جوابدار پيش ٿيا. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نامزد جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو. فرد جرم ۾ چيو ويو آهي ته واقعي واري ڏينهن ايم پي اي سردار چانڊيي جي هدايت تي جوابدارن برهان چانڊيي جي موجودگي ۾ فائرنگ ڪئي. عدالتي فيصلي جي آجيان ڪندي ام رباب چانڊيو چيو آهي ته اڄ اسان جو فتح ڏانهن پهريون قدم آهي، سردار ڀائرن کي ڦاهي ڏياري رهنداسين.










