ايڊمرل نويد اشرف پاڪ بحريه جي سربراهه طور ڪمان سنڀالي ورتي

ايڊمرل نويد اشرف پاڪ بحريه جي سربراهه طور ڪمان سنڀالي ورتي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايڊمرل نويد اشرف پاڪ بحريه جي 23هين سربراهه طور ڪمان سنڀالي ورتي.پاڪ بحريه جي ڪمان جي تبديلي جي پروقار تقريب پي اين ايس ظفر اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نيوي چيف ايڊمرل رٽائرڊ محمد امجد خان نيازي نئين ايڊمرل نويد اشرف کي پاڪ نيوي جي ڪمان سونپي. ايڊمرل محمد امجد خان نيازي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان نيوي جي ڪمانڊ ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت مستقبل ۾ زندگين تي گهرا اثر وجهندي، مستقبل جي چيلنجز کي منهن ڏيندي پنهنجي صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ اسان لاءِ ناگزير آهي. رٽائر ٿيندڙ نيول چيف چيو ته پاڪستان گڏيل ڪوششن ۽ تعاون تي يقين رکي ٿو، بليو اڪانومي ڪنهن به ملڪ لاءِ تمام ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو