اين ايف سي نه ملڻ سبب 300 ارب جو نقصان ٿيو: بزنجو

اين ايف سي نه ملڻ سبب 300 ارب جو نقصان ٿيو: بزنجو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو چيو آهي ته نئون اين ايف سي ايوارڊ نه اچڻ سبب بلوچستان کي 300 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي.ڪوئيٽا ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اين ايف سي تي وفاق جو رويو سمجھ کان ٻاهر آهي، گذريل 8 سالن کان ان آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته اڄڪلهه هر طرف آئيني گهرجن جو بحث هلي رهيو آهي، اين ايف سي جي آئيني گهرج کي ڇو نظرانداز ڪيو پيو وڃي.بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته پي پي ايل جي رهتن جو معاملو به التوا ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو