ايس ايس ڊي پي او پاران سنڌ ۾ امدادي سرگرميون جاري

ايس ايس ڊي پي او پاران سنڌ ۾ امدادي سرگرميون جاري

ڪراچي (پ ر) سنڌ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام آرگنائيزيشن (ايس ايس ڊي پي او) پاران سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي سھائتا لاءِ لاڙڪاڻو، دادو ، حيدرآباد، خيرپور ۽ ڄامشورو جي مختلف علائقن ۾ ريليف ۽ ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون جنھن ۾ ڏھ ھزار کان وڌيڪ خاندانن ۾ راشن بيگ ، دوائون ۽ ڪيش رقم ورھائي وئي. تنظيم جي سربراه ڊاڪٽر منصور ميمڻ جيڪو سعودي عرب ۾ داڪٽر آهي، تنهن جو چوڻ آھي ته ھيئنر تائين اسان هڪ سو خاندانن ۾ في خاندان ٽي ٽي ھزار ڪيش، پنج ھزار کان وڌيڪ راشن بيگ، پنج ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪيمپس لڳايون آھن. ھن وڌيڪ چيو ته تنظيم ھينئر تائين پنجويھ ملين اڍائي ڪروڙ ماليت جي امداد ڪئي آھي ۽ اڃا به ماڻھن جي مدد جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو