پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته ايران کي شاهين 3 ميزائل ڏيڻ جون خبرون غلط آهن، هن نازڪ صورتحال ۾ غلط ۽ ڪوڙي خبرن کان پاسو ڪيو وڃي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ۾ چيو آهي ته هن هفتي جي شروعات ۾ پاڪستان ڪشميرين جي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو.هنن جو چوڻ آهي ته او آءِ سي جو اجلاس ايران ۽ فلسطين جي درخواست تي سڏايو ويو، اجلاس ۾ اسرائيلي بربريت ۽ جارحاڻي منصوبن جي مذمت ڪئي وئي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار گڏيل قومن، عالمي اڳواڻن ۽ او آءِ سي کي خط موڪليا.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آمريڪا ۾ گرفتار ڪيل شخص بابت آمريڪي اختيارين سان رابطو ڪيو آهي.ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڪيترائي چينل آهن، آمريڪي ڪانگريس ۾ بل پيش ڪيو آهي، ان بل ۾ پاڪستان ڏانهن غير ضروري اشارن جو نوٽيس ورتو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته دوست ملڪن کي نشانو نه بڻايو وڃي، پاڪستان جا آمريڪا سان سٺا لاڳاپا آهن، اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪندي.هن چيو ته برطانيا ۾ ٿيندڙ واقعن کي ڏسي رهيا آهيون، برطانوي وزيراعظم چيو آهي ته تشدد ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان اسماعيل هنيا جي قتل جي مذمت ڪري ٿو، غزه تان گهيرو هٽائڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، وچ اوڀر ۾ جنگ کي هر صورت ۾ روڪڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته يو اي اي سان جامع لاڳاپا آهن، يو اي اي طرفان پاڪستاني شهرين جي ويزا تي پابندي ناهي، لبنان ۾ پاڪستانين لاءِ ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو به چوڻ آهي ته خطي جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون، اٽڪل 100 پاڪستاني شاگرد بنگلاديش ۾ هن وقت به موجود آهن، پاڪستاني هاءِ ڪميشن بنگلاديش ۾ پاڪستاني شاگردن سان رابطي ۾ آهي.










