ايران کي تڪليف ناهي پهتي،وڏي فوجي ڪاروائي تي غور جاري،ٽرمپ

ايران کي تڪليف ناهي پهتي،وڏي فوجي ڪاروائي تي غور جاري،ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايوانِ نمائندگان (House of Representatives) پاران ايران خلاف جنگ کان روڪڻ باوجود صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي وڏي فوجي آپريشن جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.آمريڪي خبرون ڏيندڙ اداري ‘ايڪزيوس’ (Axios) سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو ته اڃا ايران کي وڌيڪ تڪليف نه پهتي آهي. هو ايران ۾ وڏيون فوجي ڪارروايون ٻيهر شروع ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي. ٽرمپ چيو ته نئين فوجي ڪارروائين ۾ ”آپريشن ايپڪ فيوري“ (Operation Epic Fury) جي حملن کان به وڌيڪ وڏا حملا ڪري سگهجن ٿا. نون ۽ وڏن حملن جي هيءَ ڌمڪي ڏيندي ٽرمپ اهو به چئي ڇڏيو ته اڃا تائين هن نون ۽ وڏن حملن بابت ڪو آخري فيصلو ناهي ڪيو. واضح رهي ته آمريڪي ايوانِ نمائندگان ايران خلاف جنگ روڪڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، ايران خلاف فوجي آپريشن روڪڻ جي قرارداد تي 214 ميمبرن حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته مخالفت ۾ 208 ووٽ آيا. 4 ريپبلڪن ميمبرن به ڊيموڪريٽس سان گڏجي قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو. تنهن هوندي به هيءَ قرارداد ٽرمپ انتظاميا کي ڪنهن عمل لاءِ پابند نٿي ڪري سگهي. ٻئي پاسي، آمريڪي سينيٽ ايران خلاف فوجي آپريشن روڪڻ جي قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جتي قرارداد جي حق ۾ 47 ۽ مخالفت ۾ 49 ووٽ آيا.

برطانيه جي حفاظت لاءِ فوج تيار آهي: پاسدارانِ انقلاب جي ڌمڪي تي برطانيه جو ردِعمل
پاسدارانِ انقلاب جي ڌمڪي تي برطانيه ردِعمل ڏيندي چيو آهي ته برطانيه جي حفاظت لاءِ فوج تيار آهي. ترجمان ٻڌايو ته برطانيه اتحادي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو