ايران نواز شدت پسند گروپ جي سرگرمين تي پابندي لاڳو

ايران نواز شدت پسند گروپ جي سرگرمين تي پابندي لاڳو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان جي حڪومت ايران نواز شدت پسند گروپ ’زينبيون برگيڊ‘ جي ملڪ ۾ سرگرمين تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن جي لسٽ ۾ هن گروپ کي 29 مارچ تي جاري ڪيل ليٽر ذريعي شامل ڪيو آهي، جنهن بعد پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جو انگ 79 ٿي ويو آهي. وائيس آف آمريڪا جي رپورٽ موجب هي گروپ پاڪستاني نوجوانن کي ڀرتي ڪري شام جي صدر بشار الاسد جي مزاحمتي گروپن ۾ شامل ڪري رهيو هو. شام ۾ 2011 کان جاري گهرو جنگ لاءِ ايران مزاحمتڪار ڀرتي ڪري موڪليندو رهيو آهي. هن گروپ کي آمريڪا 2019 ۾ دهشتگرد گروپ ڊڪليئر ڪري مٿس پابندي مڙهي هئي. سنڌ حڪومت هن گروپ جي هڪ شدت پسند کي 2019 ۾ ان وقت گرفتار ڪيو هو جڏهن مفتي تقي عثماني تي حملي ٿيو هو گرفتار جوابدار ان حملي ۾ ملوث هو. مفتي تقي عثماني تي ٿيل حملي ۾ هو پاڻ ته محفوظ رهيو هو پر سندس 2 سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويا هئا ۽ سندس هڪ ساٿي مولوي زخمي ٿي پيو هو. پاڪستان جيڪو خود فرقيواريت جو وڏو شڪار رهيو آهي ۽ هزارين ماڻهو ماريا ويا هئا. چوڻ لاءِ ته ايران ۽ پاڪستان برادر مسلمان ملڪ آهن پر هلندڙ سال جنوري ۾ ايران پاڪستان ۾ شدت پسندن جي ٺڪاڻن تي ميزائيل حملو ڪيو هو ۽ پاڪستان 24 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ ايران جي اندر شدت پسندن جي ٺڪاڻن تي بمابري ڪئي هئي. جنهن بعد ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتان وڌي وئي هئي پر روس ۽ چين جي ڪوششن سبب ان ٻنهي ملڪن فوري ڪنٽرول ڪيو هو. جنهن بعد سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا ويا ۽ ايراني وفد پاڪستان جو دورو به ڪيو هو. 11 اپريل خميس تي صدر آصف علي زرداري ايراني هم منصب ابراهيم رئيسي کي فون ڪري عيد مبارڪ ڏني ۽ جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن کي درپيش سيڪورٽي معاملن ۾ معلومات جي مٽا سٽا ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته ايران ’فاطميون ڊويزن‘ نامي گروپ به ٺاهيو آهي جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي افغان پناه گير شامل آهن، جن کي ڀرتي ڪري شام ۾ بشارالاسد جي ويڙهاڪن جي مدد لاءِ موڪليو هو ۽ هن گروپ کي به آمريڪا دهشتگرد گروپ ڊڪليئر ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو