ايراني صدر جي ڪراچي آمد جي موقعي تي شهر ۾ تياريون

ايراني صدر جي ڪراچي آمد جي موقعي تي شهر ۾ تياريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي ڪراچي آمد جي موقعي تي شهر ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.شارع فيصل تي وزيراعظم ۽ صدر پاڪستان جا ڀليڪار جا بينر لڳايا ويا آهن.ان سلسلي ۾ ٽريفڪ پلان ۾ شامل ڪجهه رستا بند ڪيا ويا آهن ۽ مختلف هنڌن تي پوليس اهلڪار موجود آهن.گرومندر کان ايم اي جناح روڊ بند ڪيو ويو آهي. ايم اي جناح روڊ کان صدر ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڪنٽينر رکيا ويا آهن.ايم اي جناح روڊ ڏانهن ويندڙ ٻين روڊن ۽ لينن ۾ به ڪنٽينر رکيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو