ايراني تيل سان ڀريل ٽئنڪر هٿ، ڊرائيور گرفتار، ڪيس داخل

ايراني تيل سان ڀريل ٽئنڪر هٿ، ڊرائيور گرفتار، ڪيس داخل

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ) سي آءِ اي انچارج گل محمد مھر پنھنجي ٽيم ساڻ ڪري جھولي لال ھوٽل ء پيٽرول پمپ وٽ چيڪنگ دوران ڪاروائي ڪندي ھينو ٽرڪ نمبر 670 ٽي ڪي ڪي 16000 ھزار لٽر ايراني ڊيزل ھٿ ڪري ورتو جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور گل محمد ولد نور محمد بروھي کي گرفتار ڪري ورتو آھي جيڪو ڳوٺ عيسي خان جھٽ پٽ بلوچستان جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي. جيڪو بلوچستان کان پنجاب ايراني ڊيزل وڪري لاءِ نيو پيو وڃي واقعي جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو