انمول عرف پنڪي جو ڀاءُ ڪامران ڪراچي مان گرفتار

انمول عرف پنڪي جو ڀاءُ ڪامران ڪراچي مان گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ملزمہ انمول عرف پنڪي جي ڀاءُ ڪامران کي پوليس ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس اختيارين موجب، جمشيد ڪوارٽرز ٿاڻي جي ٽيم ڳجهي اطلاع تي گهوڙا چورنگي ويجهو ڪارروائي ڪندي ملزم کي گرفتار ڪيو. ملزم جي قبضي مان 2 ڪيلو کان وڌيڪ اعليٰ معيار جي چرس، اڌ ڪيلو آئس (نشو)، هڪ موبائل فون، پرس، قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ روڪ رقم برآمد ٿي آهي. ملزم خلاف جمشيد ڪوارٽرز ٿاڻي ۾ منشيات ايڪٽ تحت 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته گرفتار ملزم ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ چرس، آئس ۽ هيروين جي سپلائي ۾ ملوث هو ۽ نوجوانن کي نشي ڏانهن راغب ڪندڙ نيٽ ورڪ جو حصو هو. ملزم منشيات وڪرو ڪرڻ جي ڪيسن ۾ اڳي به جيل وڃي چڪو آهي ۽ 2022 ۾ به سندس خلاف ڪيس داخل هئا. ايسٽ پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار ملزم کان انمول عرف پنڪي نيٽ ورڪ جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو