انقلابي شاعر نارائڻ شيام جو 100 هون جنم ڏينھن

انقلابي شاعر نارائڻ شيام جو 100 هون جنم ڏينھن

رکيل مورائي
الا ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن???? ۾ پڙهجي، ته هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي ،اڄ سنڌ جي انقلابي شاعر ،نارائڻ شيام????جي 100 جنم ڏينھن آهي ،نارائڻ شيام ۲۲ جولاءِ ۱۹۲۲ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي ڳوٺ کاهي قاسم (ڀريا) ضلعي نوشهري فيروز ۾ گوڪلداس ناگواڻيءَ جي گهر جنم ورتو. نارايڻ شيام اياز کان پوءِ سنڌيءَ جو وڏو شاعر مڃيو ويو آهي. سنڌ ۾ اياز ۽ هند ۾ نارايڻ شيام، ٻه اهڙا سنڌي شاعر هئا، جن هند ۽ سنڌ جي ادبي وايومنڊل کي ڳنڍي رکيو. نارايڻ شيام ورهاڱي کان پوءِ دهليءَ ۾ وڃي رهيو ۽ آخري گهڙيءَ تائين سنڌ ڏسڻ لاءِ تڙپندو رهيو. جنهن جو اظهار هن پنهنجي هڪ شعر ۾ هيئن ڪيو آهي:الائي ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين،وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.ننڍو وات، وڏي ڳالهه؛ ليکي وڃي پر پوءِ چوڻ چاهيان ٿو ته نارايڻ شيام جي مٿين ٻن سٽن جو درد تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ وجهبو ۽ ٻئي پڙ ۾ ورهاڱي جي درد سان ڀريل ڪيئي ڪتاب رکبا ته هنن سٽن جو بار وڌي ويندو. ان درد ۽ پيڙا سان ڀريل شاعريءَ سان گڏ هُن سنڌي شاعريءَ کي نئين نفاست ۽ نزاڪت به ڏني، سندس شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب، هند توڙي سنڌ ۾ ڇپيا آهن. مان ان چوڻ ۾ هن جي ڪا به وڏائي بيان نه ٿو ڪريان، پر اهو سچ آهي، ته نارايڻ شيام تي سموري سنڌ سان گڏ نوشهري فيروز جي ادبي تاريخ فخر ڪندي ته ان هڪ غير معمولي شاعر کي جنم ڏنو. نارائڻ شيام کي سندس ڪيترن ئي ڪتابن تي اڻ ڳڻيا انعام ڏنا ويا. آئون ته هوند ائين چوان ته هن انعام وٺي انهن انعامن کي عزت بخشي آهي، سندس ڪتاب واريءَ ڀريو پلاند تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ۱۹۷۰ع ۾ هند جو نهايت وڏو ادبي انعام ڏنو ويو. نارايڻ شيام۱۰ جنوري ۱۹۸۹ع تي سنڌ نه ڏسي سگهڻ جي آس دل ۾ سانڍي عالم جي لاجواب شهر دهليءَ ۾ وفات ڪئي.۔۔

پهنجو تبصرو موڪليو