انقلابي راهن جو مسافر۔۔۔ڪامريڊ ڀڳت سنگھ.

انقلابي راهن جو مسافر۔۔۔ڪامريڊ ڀڳت سنگھ.

طفيل مگسي
24مارماچ 1931ء جي صبح جو لاهور سينٽرل جيل ۾ ٽن نوجوانن کي ڦاسي ڏڻي هئي۔قانون جي مطابق هر خاص و عام کي ڦاسي ڏينهن جي شروعات ۾ ڏني ويندي هئي۔مگر ان ڦاسي بلڪ ڦاسين جي خلاف عوامي ردعمل ان قدر سخت هو ته ڦاسي جي وقت جيل تي حملي جو به خطرو هو۔ان لاء انهن ٽنهي فردن کي هڪ ڏينهن پهرين يعني23مارچ 1931ء شام ساڍي ستين وڳي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔انهن ٽنهي تي هڪ انگريز آفيسر کي قتل ڪرڻ جو الزام هو۔اهي ٽئي سچا دوست ۽ آزادي واري تحريڪ جا سپه سالار هئا۔ٽئي نوجوان ۽ ساڳئي عمر جا هئا۔ڦاسي جي تخت تي پهچڻ کانپوء ٽنهيء پنهنجي پنهنجي جي ڦندي کي چميو ۽ خوشيء خوشيء سان پاڻ ئي پنهنجي ڳچي ۾ پائي ورتا۔ٽنهيء کي گڏ ئي ڦاسي ڏني وئي۔ساڄي پاسي واري پنجابي شير سکھ ديو هو۔جڏهن ته کاٻي پاسي راج گرو هو ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ پنجاب جو بهادر سپوت سردار ڀگت سنگھ هو۔
گيصل آباد جڙانوالا روڊ تي”بنگي“اسٽاپ تي پنج ڪلوميٽر اندر سفر ڪرڻ تي هڪ بنگي ڳوٺ آهي۔جنهن کي هن وقت ڀڳت سنگھ ڳوٺ جي نالي تي سڏو وڃي ٿو۔هتي هڪ1890ء جي تعمير ٿيل حويلي آهي۔ جتي پنجاب جو هڪ ڀهادر سپوت سردار ڀڳت سنگھ جنم ورتو هو۔انهيء ڏينهن ڀڳت سنگھ جو والد ڪشن سنگھ ۽ ان جو چاچو جيل کان آزاد ٿيا هئا۔پيء چاچو ٻئي تحريڪ آزادي جا سرگرم ميمبر هئا۔والدين ڀڳت سنگھ جي کاء ذرگان نالي چوڪري کي پسند ڪيو۔ايستائن ته ڀڳت سنگھ جا دوست مٽ مائٽ به انهيء کيڀاڄائي سڏيندا هئا۔مگر ڀڳت سنگھ چوندو هو ته هن جي شادي تحريڪ آزادي سان ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي موت ئي هن جي ڪنوار آهي۔بنگي ڳوٺ ۾ اهو پرائمري اسڪول اڄ به آهي جتان کان ڀڳت سنگھ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي هئي۔
فیصل آباد جڑانوالہ روڈ پر “بنگے” اسٹاپ پر پانچ کلو میٹر اندر کی جانب سفر کرنے پر ایک بنگے گاؤں ہے جسے اب بھگت سنگھ گاؤں بھی کہا جانے لگا ہے۔ یہاں ایک 1890 کی تعمیر شدہ حویلی ہے جہاں پنجاب کا ایک بہادر سپوت سردار بھگت سنگھ پیدا ہوا تھا۔ بھگت سنگھ کو انگریز سرکار سے بغاوت ورثے میں ملی تھی۔ جس دن بگھت سنگھ پیدا ہوا،
ورهاست کانپوء1947ء ۾ سردار ڀڳت سنگھ جي اها حويلي ورڪ برادري جي حواليڏڪئي وئي ۽ اڄ ان جو ٽيون نسل ان حويلي کي وڌؤڏي خوبصورتي سان سنڀاليون پيو آهي۔حويلي جا پهريان ٻه ڪمرا آرٽ گيلري جو درجو رکن ٿا۔جتي چئني پاسي ڀڳت سنگھ ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن جون اڪثر تصويرون بلڪل اصلي آهن۔
جنهن وقت ڀڳت سنگھ کي ڦاسي ٿي،سندس عمر 24 سال هئي۔هڪ ڪمري ۾ اڌ ڀت تي ڳت سنگھ جي اها مشهور مشهر زمانو تصويرڌوڏي ڪري هنئي وئي آهي۔جنهن ۾ هو هٿن ۾ هٿڪڙي پايون جيل سپريڊنٽ سان گڏ ڳالهيون ڪري رهيو آهي۔ڀڳت سنگھ جو پيء ماء۔ڀيڻ ڀاء۔يار دوست۔مڱيندي سڀ سڀ تصويرن جي صورت ۾ هتي موجود آهن۔ڀڳت سنگھىتي لکيل ايف آئي آر جو هڪ نقل به هتي هنيو ويو آهي۔هڪ واسي پڳت سنگھ جي ماء جو چرخو ۽ اٽو پيهڻ واري جنڊ جا پڙ به پيا آهن۔
ڀڳت سنگھ ۽ ان جي دوستن کي جڏهن ڦاسي ڏني وئي ته لاهور سينٽرل جيل جي پوئين ڀت ٽوڙي ڪري رات جي وقت ٽنهيء جي لاشن کي هتان کان قصور ۾ ستلج دريا جي ڪناري نيو ويو۔جتي اڄ هيڊ سليمانڪي آهي۔ٽنهيء جي لاشن کي سکھ مذهب جي مطابق ساڙيو ويو۔جسم اڃا مڪمل ريت سڙيا به نه هئا ته انهن کي ستلج دريا ۾ وهايو ويو۔
ايتري ۾ ماڻهن تائين به ان سموري عمل جو اطلاع پهچي چڪو هو۔عوام جا ميڙ ان جڳھ پهتا،بچيل سچيل ٽڪرن کي گڏ ڪري نهايت عزت و احترام سان آزادي جي ٽنهي پروانن جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون۔ورهاست کانپوء اها جڳھ چوڪي نمبر 1961ء سڏي ۽ پاڪستان جي حصي ۾ آئي۔مگر مارچ 1961ء ۾ ڳالهين کانپوء سنڌ طاس معاهدي جي سبب کان اها چوڪي نمبر 201 ۽ ڪجھ وڌيڪ علائقا ڀات جي حوالا ڪيا ويا۔
جيستائين اها چوڪي پاڪتان وٽ رهي،ان تي ڪجھ ڪم نه ڪيو ويو۔مگر ڀارت کي شاباس هن انهيء جگھ جي اهميت کي سمجهيو۔ڀارت بعد ۾ هتي هڪ شاندار يادگار تعمير ڪئي ۽ آزادي جي انهن ٽنهي هيروز جا مجسما نصب ڪيا۔زنده قومون ائين ئي هونديون آهن۔جيڪي پنهنجن هيروز کي سدائين ياد رکن ٿيون۔

پهنجو تبصرو موڪليو