انساني حقوق ۽ برابري جا حق

تحرير شمائلا رند

اڄڪلهه  اسان جي معاشري ۾ حقن جي لتاڙ انڪري وڌندي پئي وڃي ته اسان هڪ ٻئي جا حق ڏسي وائسي غضب ڪري رهيا آهيون ۽ اهو هرگز تسليم به نٿو ڪيو وڃي ڪنهن جو ڪيترو هڪ ٻئي تي حق لڳي ٿو ۽ برابري جي بنيادن تي حق ڪيئن ڏئي سگهجن ٿا اُن جي ادائگي ڪهڙي نموني ۽ ڪيئن ڪرڻ گهرجي الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته اسان جو مذهب اسلام اهو درس ڏئي ٿو ته عربي کي عجمي ۽ عجمي کي عربي تي فوقيت نه هجڻ گهرجي سڀ انسان برابر حق رکن ٿا بنا ڪنهن رنڊ روڪ جي هر ماڻھو کي امير توڙي فقير غريب توڙي دولتمند هڪ جيتري يا برابر حق جا حقدار آهن جيڪڏھن انساني حقن بابت وسيع طريقي سان ڏٺو وڃي ته ڌرتي تي هر انسان پنهنجو برابر حق رکي ٿو ۽ جنهن جي لاء اڄڪلھ اسان جو قانون ۽ انصاف انهن کي حقن جي لتاڙ ڪري معاشري ۾ رهندڙ بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻھن کي مايوس ڪري ٿو ڇڏي جنهن لاء ماڻھون پنهنجا برابر حق حاصل ڪرڻ لاء قانون ۽ انصاف جون حدون اورانگهي به حق وٺي رهيو آهي مثال طور عدالتن مان صحيح انصاف يا حق نه ملڻ قانون جي ڪوتاهين ڪري بااثرن جي بي سهارا ماڻھن تي اثر رسوخ جو وڌڻ جنهن ۾ خاص طور اهي ماڻھون جن وٽ علم جي کوٽ آهي ٻيا اهي جن وٽ ڌن دولت علم ۽ سياسي طاقت هجي ٿي پوء انهن ماڻھن کي خبر نه ٿي پوي ته معاشري ۾ رهندڙ انسانن جا برابري وارا حق ڪهڙا آهن. مثال طور هڪ طاقتور ماڻھون جيڪو پاڻ ته سمورين سهولتن سان ارآسته هجي ٿو جيئن انهن جا گهر آفيسون زندگي جي مڙني سهولتن سان سرشار هجن ٿيون ايئن معاشري ۾ رهندڙ غريب امير جا قانون مطابق برابر حق لڳن ٿا پر  اسين اڄڪلھ هڪ ٻئي کي پنهنجي حيثيت مطابق گهٽ سمجهي رهيا آهيون جنهن طريقيڪار سان اسان ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽجي چڪو آهي جنهن رت جي رشتن ۾ به نفاق پيدا ڪري ڇڏيا آهن جنهن سبب  ماڻھون هڪ ٻئي جا برابري وارا حق ڦٻائي ڇڏين ٿا. انهن سڀني سببن جو هڪ ئي سبب اهو آهي ته يا ته ملڪ اندر قانون ۽ انصاف جي بالادستي قائم ڪئي وڃي يا ماڻھن کي علم جهڙي زيور سان نوازيو وڃي ڇو ته اهي ٻئي ڪارڻ هن وقت معاشري ناقص ڪارڪردگي طور نظر اچي رهيا آهن جيڪڏھن ماڻھن سان قانون ۽ انصاف انهن سان ناجائزيون ڪندو ته ڪو اهڙو در يا پليٽ هجي جتان مايوس ٿيل ماڻھون پنهنجو حق وٺي سگهي ۽ اهو گس آهي علم ۽ تعليم. تعليم هن وقت خاص طور اسان جي ملڪ جون ٻھراڙيون سئو فيصد سازش تحت محروم ڪيون ويون آهن جتي جهالت معاشري ۾ وبا طور پکڙجي وئي آهي ۽ باشعور پڙھيل ڳڙھيل پئسي وارا ماڻھون پنهنجي نوجوانن ۽ نياڻين کي پئسن تي پڙھائين ٿا وڏن وڏن يونيورسٽين ۾ داخلائون وٺي ڏنيون وڃن ٿيون پر تمام افسوس ڀري ڳالھ ته غريبن جا ٽئلينٽڊ ٻار ۽ نياڻيون وصيعت نه هئڻ ڪري گهرن ۾ قيد وبند ڪيا وڃن ٿا. ڇا انهن جا احساس اُڌما نه کائيندا هوندا ته اسان به پڙھي ڪنهن وڏي درجي ته پهچون . رهي ڳالھ تعليم کان علاوه ٻين حقن جي ته وڏيون ناانصافيون ٿي رهيون ماڻھن کان زندگي جون سڀ بنيادي سهولتون ۽ برابري وارا حق کسيا ويا آهن ماڻھن وٽ نه پيئڻ جو پاڻي آهي نه انهن وٽ صحت جون سهولتون آهن نه انهن وٽ بجلي جو بهتر نظام آهي نه انهن وٽ روڊن جي رسائي آهي انهن بنيادي سهولتن عيوض برابري وارن حقن کان محروم رکيو ٿو وڃي .برابري جي حقن جو بنيادي ۽ اصل مقصد اهو ئي آهي هرانسان جا هڪجيترا حق آهن اڄ ڪلھ دنيا کان علاوه مختلف ملڪن ۾ جيڪي افراتفريون پکڙيل آهن جنهن ۾ ڦرلٽ جهيڙا فساد قتل وغارتگري اهڙن واقعن جو رونما ٿيڻ ئي حقن کان محروميت ئي آهي جڏھن ڪنهن ماڻھون جو زبردستي حق ڦٻايو يا برابري جي بنيادن تحت انهن جي ورهاست نٿي ڪئي وڃي ته ماڻھون پاڻمرادو پاڻ کي اوجهڙ ۾ اڇلائڻ جهڙو عمل اپنائين ٿا جيڪي هڪ خطرناڪ روپ وٺي وڏن فسادن کي جنم ڏين ٿا سو برابري جي حقن بابت سماجي توڙي سوشلسٽ تنظيمون ۽ اڳواڻ آگاهي مهم ذريعي اسان جي معاشري ۾ اهو آواز عام ڪن ته خداوند تعالي اسان جو خالق ۽ مالڪ آهي ڪنهن کي ڪنهن تي فوڪيت ناهي سڀ انسان برابر آهيون ۽ هڪ ٻئي کي برابر حق ڏئي وڌندڙ بيچيني کي ختم ڪري نااصافين جو ازالو ڪري سگهجي ٿو 

پهنجو تبصرو موڪليو