انتهاپسندن کي پاڙان ختم ڪنداسين،ڪينيڊين وزيراعظم

اوٽووا(ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ۾ دهشتگرد هٿان قتل ٿيل پاڪستاني ڪٽنب واري واقعي خلاف اونٽاريو ۾ هزارين ماڻهن جو تعزيتي اجتماع ٿيو، مسجد ٻاهران تعزيتي تقريب ۾ وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي به شرڪت، ڪينيڊين وزير اعظم چيو آهي ته اسلامو فوبيا ۽ نسلي تعصب هڪ حقيقت آهي، انتهاپسندن کي پاڙان ختم ڪنداسين، کاٻي ڌر جي انتهاپسند گروپن کي دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو، مسلم ڪميونٽي اڪيلي ناهي، ڪينيڊا جو عوام ساڻن گڏ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو