اورڪزئي)ويب ڊيسڪ) امن لشڪر تي دهشتگرد حملي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا. رپورٽ موجب، دهشتگردن اورڪزئي جي يخ ڪنڊائو علائقي ۾ امن پلاٽون تي حملو ڪيو.ايس ڊي پي او محبوب خان تصديق ڪئي ته امان لشڪر تي حملي ۾ 2 ماڻهو مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿيا.ايس ڊي پي او چيو ته امن لشڪر جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.










