اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن انجم عقيل، طارق فضل چوڌري، خرم نواز جي بدلي جي درخواست منظور ڪري ورتي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن اسلام آباد اليڪشن ٽربيونل تبديل ڪرڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ڪئي.اليڪشن ڪميشن انجم عقيل، طارق فضل ۽ خرم نواز جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو.اليڪشن ڪميشن اسلام آباد جي ٽن تڪن بابت درخواستون ٻئي ٽربيونل ڏانهن منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.










