اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي اليڪشن ترميمي ايڪٽ خلاف اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.جسٽس سجاد علي شاهه عمران خان جي اپيل تي 26 جولاءِ تي چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪندو، عمران خان رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف چيمبر ۾ اپيل داخل ڪئي آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ترميمي ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.عمران خان طرفان داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو وڃي.










