اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي حڪومت برطانيا کي خط لکي ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين، سندس ويجهي عزي افٽخار حسين ۽ محمد انور کي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ حولاي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اڳم پاڪستان اوهان کي ملزمن جي مٽا سٽا جو معاهدو نه هوندي به ملزم ڏئي کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ پهچايو ، هاڻي اوهان تعاون ڪريو. ياد رهي ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ عمران فاروق کي لنڊن ۾ مٿي ۾ سر هڻي ۽ بعد م چاقو جا وار ڪري 16 سيپٽمبر 2010 تي قتل ڪيو ويو هو. قتل ڪيس جا 3 جوابدار پاڪستان ۾ گرفتار ٿيا هئا جن کي هلندڙ سال جون ۾ سزا ڏني وئي هئي. ملزم خالد شميم، معظم علي ۽ محسن علي کي عمر قيد جي سزا سان گڏ في ملزم فوتي جي وارثن کي ڏهه ڏهه لک ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.










