افغان بارڊر تي شهيد ٿيندڙ جوان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

افغان بارڊر تي شهيد ٿيندڙ جوان جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

سلطانپور(رپورٽ قربان علي مهر )سلطانپور جي ڳوٺ خاصو واسي پاڪ افغان بارڊر تي دھشتگردن جي حملي ۾ شھيد ٿيل فوجي جوان حافظ عبدالرحمان جوڻيجو جي نماز جنازا سلطانپور ۾ ادا ڪئي وئي سندس جنازي نماز ۾ پاڪ فوج ۽ رينجرز آفيسرن , فنڪشل ليگ صوبائي اڳواڻ نثار منگي, ڊويزنل اڳواڻ سيد شفقت شاھ، ڊي ايس پي عبدالرشید جوڻيجو، ڊائريڪٽر ايگريڪلچر رسول بخش جوڻيجو ،فقير عنايت الله ٻرڙو,درگاھ پيرجوڳوٺ جي خليفن ۽ حر جماعت سميت علائقي جي سياسي سماجي شخصيتن تر جي معززين ,صحافين ۽ وڪيلن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ياد رھي تـ شھيد فوجي جوان اربع ۽ خميس جي وچ واري رات پشاور ويجھو پاڪ افغان بارڊر تي ساٿين سميت دھشتگردن جي حملي ۾ شھيد ٿيو ھو جنھن جو مڙھ پاڪ فوج طرفان ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ خاصو جوڻيجو پھچايو ويو شھيد فوجي جوان جو مڙھ فوجي اعزاز ۾ ھزارين آلين اکين سان اباڻي قبرستان پير ابراھيم شاھ جيلاني ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو جتي تدفين وقت سندس قبر تي پاڪ فوج جي دستن طرفان پاڪستاني جھنڊو لڳائي گلدستا رکي سلامي ڏني وئي جنھن بعد سندس ڀائرن فقير ياسين جوڻيجو ۽ سندس گھر ڀاتين سان ڳوٺ خاصو جوڻيجو ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آھي,ٻئي پاسي شھيد فوجي جوان جي ڀاءُ فقير محمد ياسين جوڻيجو ۽ ڳوٺ جي معزز ۽ وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ اسان کي فخر آھي تـ وطن جي حفاظت ڪندي اسان جو نوجوان شھيد ٿي ويو آھي پياري ملڪ پاڪستان مٿان سر به قربان آھي ھنن چيو الله پاڪ وطن جي دشمنن کي نيست نابود ڪندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو