افغان امن خراب ڪندڙن کي نروار ڪري شڪست ڏيو، جنرل باجوا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ خطي جي مفاد ۾ آهي. ميڊيا پُل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اها عوام ۽ ميڊيا جي ذميواري آهي ته امن خراب ڪندڙ قوتن کي نروار ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن جمعي ڏينهن افغان صحافين جي هڪ وفد جي جنرل هيڊ ڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) جي دوري دوران ساڻن ڳالهائيندي ڪيو. آءِ ايس پي آر جي بيان موجب افغانستان جي صحافين جنرل قمر جاويد باجوا سان کليل ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي آرمي چيف زور ڀريو ته ميڊيا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ، سماجي ۽ عوامي رابطن ۽ سرگرمين جي فروغ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري سگهي ٿي. ”اها ميڊيا ۽ ماڻهن جي ذميواري آهي ته امن خراب ڪندڙن کي سڃاڻي ۽ کين شڪست ڏين ،“ جنرل باجوا زور ڀريو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان جي خواهش آهي ، ٻنهي ملڪن جو امن هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي. هن چيو ته اسين ڪنهن کي به امن خراب ڪرڻ نه ڏينداسين. بارڊر مينيجمينٽ جو حوالو ڏيندي آرمي چيف چيو ته سرحدن جي حفاظت پاڪستان ۽ افغانستان جي بهترين مفاد ۾ آهي. هن خطي ۾ پائيدار علائقائي ترقي جي لاءِ افغانستان ۾ امن جي بحالي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. صحافين جي دوري جي ترتيب لاءِ پاڪ افغان يوٿ فورم کي ساراهيو ويو ، جنرل باجوا چيو ته هو مستقبل ۾ اهڙن دورن جي بار بار مٽا سٽا جي اميد ڪري ٿو. هن پاڪستان ۽ افغانستان جي نوجوانن کي خطي ۾ مستقبل جي امن ۽ ترقي جي اميد قرار ڏنو. آءِ ايس پي آر مطابق وفد آرمي چيف جو شڪريو ادا ڪيو ۽ افغان عوام ۽ افغان امن عمل ۾ ”سهڪار وارو ڪردار ادا ڪرڻ“ سميت افغانستان ۾ ماڻهن لاءِ پاڪستان جي خلوص ۽ ڪوشش جي تعريف ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو