ليکڪ مصور چوهاڻ
26 جولاء اڱاري تي سڪرنڊ ۾ قومي ڪٺ ٿيو جنھن ۾ سنڌ جي ساڃاھ وندن، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنھل ساريو، سارنگ جويو، ايم صديق مڱيو، سھڻي جويو، ڪامريڊ سنڌو مڱريو ، سميت سڪرنڊ ۽ آس پاس جي سياسي سماجي حلقي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ اڳواڻن جي متفقه راء سان افغاني لوڌ خلاف متحرڪ ۽ بنا بند جدوجھد جي آغاز لاء وچن ورجايو ويو،اڳواڻن ۽ نوجوانن گڏجي ھن ڪاروان کي(QuitSindhMovement#) جو ناءُ ڏنو ۽ گو افغاني گو جي One Point Agenda تحت تحريڪ کي بنا بند وڌائڻ جو عزم ڪيو، تحريڪ جو بنيادي طور آغاز ھنن نقطن تحت ڪيو ويندو.
1: ڪنھن به سنڌي ڀاءُ کي افغانين جي ڪاروبار تي خريداري ڪندي يا ھوٽلن تي ويٺي ڏٺو ويندو ته نوجوان فوري طور انھن سنڌي ڀائرن کي لائيو يا وڊيو رڪارڊنگ دوران موبلائيز ڪري وڊيو سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري اھڙي ٽريڊ کي عام ڪندا ته جئين سموري سنڌي ماڻھن جي ذھنن تائين اھو پيغام پھچي ته جئين ھو افغانين جي ڪاروبار جو مڪمل بائيڪاٽ ڪن.
2:سنڌي باشعور نوجوان ڄاڻي واڻي افغانين تي خريداري بھاني وڃن، پوء ان کان اھو پڇن ته ڇا تو افغاني/پٺاڻ آھي؟ ظاھر آھي ان جو جواب ھا ۾ ھوندو ته فورن اوھان ان کي سامان واپس ڪري چئو ته اوھان اگر افغاني يا پٺاڻ آھيو ته اسان کي اوھان جو سامان نه گھرجي، ان عمل سان ھو پنھنجي توھين محسوس ڪندا ۽ ۽ اھو سمجھڻ لڳندا ته ھاڻي سنڌي ماڻھو انھن کي سنڌ ۾ ڏسڻ نٿو چاھي،
3: نوجوان افغانين جي دڪانن/ھوٽلن تي وڏي انگ ۾ وڃي اتي ويٺل سنڌين کي وڏي تحمل ۽ مثبت انداز ۾ ڌارين جي خلاف موبيلائيز ڪن.
4: ھن جدوھد کي مسلسل جاري رکبو، ماٺو ٿيڻ جو مطلب پنھنجي ناڪامي ۽ بزدلي جي اظھار برابر سمجھيو ويندو،
5: سنڌ ۾ ڪنھڻ به قوم پرست سياسي جماعت جي افغانين خلاف ھر قسم جي پروٽيسٽ ۾ بنا ڪنھن سياسي تفرقي جي شامل ٿبو.
6: سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران افغانين خلاف ڪيل ھر حڪمت عملي جو احترام ڪبو ۽ انھن جو ساٿ ڏبو.
7: سنڌي مڪان/دڪان مالڪن کي ان ڳالھ تي راضي ڪبو ته جئين اھي افغانين کي ڪاروبار لاء ڪو به دڪن/مڪان نه ڏين، ۽ جيڪي ڏنل آھن اھي خالي ڪرائي سنڌين کي ڏياريا وڃن.
8: افغانين جي ڪارن ڪرتوتن. منشيات فروشي، ھٿيارن جي سمگلنگ، ھوٽلن جي چانھ ۾ کير بدران خطرناڪ ڪيميڪل جي استعمال ڪرڻ. ھوٽلن تي حرام جانورن جو گوشت کارائڻ جھڙين ڪڙين حقيقتن کان سنڌ جي ماڻھن کي ھر وقت آگاھي ڏيڻ جو پابند رھجي.
09: سنڌي ماڻھن کي پنھنجي ڪاروبار ۽ پنھنجا ھوٽل کولڻ لاء قائل ڪجي،
10: تحريڪ مضبوط ٿيڻ شرط مناسب وقت اچڻ تي وزير اعليٰ ھائوس ۽ سنڌ اسيمبلي ٻاھر مطالبي جي مڃتا تائين ھزارن جي انگ ۾ ڌرڻو ڏجي.
11: نوجوان پنھنجي شھرن جي مالڪي پاڻ ڪن. ھر شھر ۾ نوجوانن کي متحرڪ گروپ ٺاھي پنھنجي پنھنجي شھر کي افغانين جي لوڌ کان پاڪ ڪرائڻ جو ٽريڊ ھلائجي.
12: ھر قسم جو عمل پُر امن طريقي سان ڪيو وڃي، ڪنھن کي به ڪو جاني يا مالي نقصان نه ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ تحريڪ کي نقصانات درپيش ھوندا.
ان موقعي تي سڪرنڊ سميت سموري سنڌ مان ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن جنھن ۾ رضا محمد چانڊيو. رئيس غلام نبي چوھاڻ، سھيل چانڊيو محمد حنيف ڪيريو وڪيل آچر جلباڻي. قاضي جاويد سنائي، ذوھيب عمراڻي، غلام مصطفيٰ عمراڻي، رضا محمد سيال، قربان عمراڻي، فيض ڪيريو، سميت سنڌ جي شعور وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ اھو وچن ورجايو ته اجلاس ۾ ڪيل سمورن فيصلن جو مانُ رکيو ويندو، ۽ ھر صورت ۾ ان تي عمل پڻ ڪيو ويندو










