افغانين جو پاڪستاني قونصل خاني تي حملو،جهنڊي جي بي حرمتي

افغانين جو پاڪستاني قونصل خاني تي حملو،جهنڊي جي بي حرمتي

فرينڪفرٽ(ويب ڊيسڪ)جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ افغان شهرين پاڪستاني قونصليٽ تي پٿراءُ ڪيو ۽ پاڪستاني جهنڊو لاهڻ جو افسوسناڪ واقعو پڻ پيش آيو.پاڪستاني سفارتي عملدارن جرمن پرڏيهي وزارت کي احتجاج ڪندي فرينڪفرٽ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب فرينڪفرٽ ۾ احتجاج دوران افغان شهرين پاڪستاني قونصليٽ تي چڙهائي ڪئي، پٿراءُ ڪيو ۽ پاڪستاني جهنڊو به لاهي ڇڏيو، جنهن جي وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. رپورٽن مطابق افغانين پاڪستاني جهنڊو ساڙڻ جي به ڪوشش ڪئي.پاڪستاني اختيارين جو چوڻ هو ته پرڏيهي سفارتي تنصيبات جي سيڪيورٽي جي ذميواري جرمن حڪومت جي آهي، ان معاملي تي عالمي برادري کي به سفارتي تنصيبات جي سڪيورٽي بابت ڳڻتي آهي.جرمن اختيارين فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني سفارتي عملدارن کي واقعي جي مڪمل جاچ جو يقين ڏياريو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب ان معاملي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ جرمن اختيارين ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو