افغانستان جي برآمدات ۾ واڌ، پاڪستان درآمد ۾ سرفهرست

افغانستان جي برآمدات ۾ واڌ، پاڪستان درآمد ۾ سرفهرست

نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي برآمدات ۽ درآمدات بابت عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن سال جي پهرين اڌ ۾ افغانستان جي برآمدات ۾ 54 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن مان 41 سيڪڙو پاڪستان کي برآمد ڪيو ويو. رپورٽ موجب، هن سال جي پهرين اڌ ۾ ڪل درآمدات گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي مقابلي ۾ 501 ملين ڊالر کان وڌي 548 ملين ڊالر ٿي ويون آهن. ڪل برآمدات جو 41 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڪستان ڏانهن ٿيو آهي، جنهن مان 73 سيڪڙو کان وڌيڪ کاڌي جون شيون آهن جيڪي پاڪستان ۽ هندستان کي فراهم ڪيون ويون آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ هندستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي ڪري کاڌي جي شين جي طلب وڌي وئي هئي، جنهن جي ڪري افغانستان جي برآمدات ۾ اضافو ٿيو ۽ کاڌي جي برآمدات جو ڪل مقدار 155 ملين ڊالر هو.ٻيو سبب اهو آهي ته افغانستان جي برآمدات جو 41 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڪستان ڏانهن آهي، ۽ ان جو سبب جولاءِ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ هڪ سال لاءِ ٻطرفو واپاري معاهدو آهي، جنهن ۾ ٽيرف گهٽائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.پاڪستان جي افغانستان مان کاڌي پيتي جي شين جي درآمد ۾ واڌ ٿي آهي، پر ڪوئلي ۽ ڪپڙي جي درآمد ۾ گهٽتائي آئي آهي. ڪپڙي جي ڳالهه ڪجي ته، گذريل ڇهن مهينن جي مقابلي ۾ هن سال افغانستان مان پاڪستان جي ڪپڙي جي درآمد ۾ 41 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ۽ اهو پاڪستان پاران ٽيرف ۾ واڌ جي ڪري آهي.ساڳئي طرح، پاڪستان جي ڪوئلي جي درآمد ۾ به 40 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ گذريل ڇهن مهينن ۾ 6.8 ملين ڊالر کان گهٽجي هن سال جي پهرين ڇهن مهينن ۾ تقريبن 1 ارب ڊالر ٿي وئي آهي. ڪوئلي جي درآمد ۾ گهٽتائي پاڪستان جي هڪ سستي متبادل ڳولڻ جي ڪوشش آهي ڇاڪاڻ ته عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي طور تي، افغانستان مان پاڪستان جي درآمد گذريل سال جي مقابلي ۾ 44 سيڪڙو کان گهٽجي 41 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته هندستان جي افغانستان مان درآمدات 30 سيڪڙو وڌي ويون آهن.ساڳئي طرح، رپورٽ موجب، افغانستان جي برآمدات ۾ واڌ جو ٽيون سبب پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ سرحد تي نرمي آهي، ۽ افغانستان جي درآمدات ۾ به 27 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.افغانستان کي سڀ کان وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ ايران آهي، جتان 29 سيڪڙو درآمدات آيون آهن، ان کان پوءِ گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان آهن، جتان سڀ کان وڌيڪ درآمدات آيون آهن. ان ۾ سڀ کان وڏو واڌارو روزاني ضرورتن جي شين ۾ ٿيو آهي ۽ اهو ايران ۽ پاڪستان مان لکين پناهگيرن جي واپسي جي ڪري ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو