اسڪول بند هئڻ سبب هڪ ڪروڙ ٻار تعليم کان محروم بڻيل

اسڪول بند هئڻ سبب هڪ ڪروڙ ٻار تعليم کان محروم بڻيل

تحرير غلام بهلول گوپانگ

چين ملڪ کان شروع ٿيندڙ وبائي بيماري ڪرونا نيٺ سڄي دنيا جي ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندي جيڪو کربين رپين جو معاشي نقصان ڪري وڌو آهي انهيءَ تي پوري دنيا جا چوٽيءَ جا تحقيقي ڪندڙ سائنسدان پڻ وڏي حيرت ۽ اچرج ۾ مبتلا آهن ته اسان جڏهن هر شيءِ جي دوا ٽيبليٽ، سيرپ، انجيڪشن وغيرهه ايجاد ڪرڻ  ۾ ڪامياب ويا آهيون ته پوءِ هن ڪرونا بيماريءَ جي پاڙ پٽجڻ ۾ اسان ڪهڙن سببن ڪري ناڪام ويندي مايوسيءَ جي ور چڙهي انهي ايجاد کان قاصر بڻيل آهيون، تازو سوسائٽي فار ايڊوانسمينٽ ان ايجوڪيشن اينڊ هيلٿ پاران ڪوٺايل هڪ سيمينار ۾ مختلف ماهرن چيو ته ڪرونا وائرس دنيا کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي دنيا سامهون آئي آهي جنهن جو پهريان ڪنهن تصور به نه ڪيو هو، ڪرونا وائرس کانپوءِ جي چئلينجن جو ماهرن ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ 25 لک ٻار اڳ ئي اسڪولن کان ٻاهر هئا ، هاڻي هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ وڌيڪ ٻار پرائمري کان مختلف سطح تائين درسگاهن کان ٻاهر هليا ويا آهن، جيڪا انتهائي خراب صورتحال آهي، سيمينار ۾ ٻڌايو ويو ته شماريات کاتي جي انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ ٽي لک سترهن هزار اسڪولن ۾ پنج ڪروڙ ٽي لک ٻار داخل آهن ملڪ ۾ هڪ لک ستانوي هزار سرڪاري ۽ هڪ لک ويهه هزار خانگي اسڪول موجود آهن، ڪرونا وباءَ سبب انهن اسڪولن جو وڏو انگ بند ٿي ويو ۽ لکين استاد بيروزگار پن ٿي ويا، ڪرونا جي تباهيءَ سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر اهي ٻار ٿيا آهن جيڪي غريب گهراڻن سان واسطو رکن ٿا، مقامي سطح تي خانگي شعبي ۾ تعليم ڏيندڙ اسڪولن ۾ شاگردن جي ٽيهه سيڪڙو کان به گهٽ آهي ۽ مالي مشڪلاتن سبب وڌيڪ اسڪولن جي بند ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، انهيءَ صورتحال ۾ غريب طبقي جي ماڻهن والدين وڌ کان وڌ پنهنجن ٻارن کي ديني مدرسن ڏانهن آڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته بار بار اسڪول بند ڪرڻ سبب اڳ ۾ جي ڀيٽ ۾ ٽي حصا وڌيڪ والدين جو رجحان پنهنجن ٻارن کي مدرسن ڏانهن داخل ڪرائڻ جو انگ وڌڻ لڳو آهي، انهي سلسلي ۾ حڪومت جي مسلسل غفلت يا لاپرواهي سبب ڪرونا وائرس جي ڦهلاءَ جي بهاني تعليمي ادارا ته رڳو شاگردن لاءِ بند ڪيا ويا آهن پر اهو نٿو سوچيو وڃي ته هي ٻارڙا شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪي ڪروڙين ۾ آهن انهن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي، حڪومت جو انهي معاملي سان ڪو به سروڪار ناهي بس پنهنجا حڪمران ته رڳو پرڏيهي ڊالر جي امداد جي انتظار ۾ اهي سڀ ڊراما ۽ ناٽڪ ڪري ڪروڙين مستقبل جي معمارن جي تعليم مٿان ڌاڙو لڳايو ويو آهي، سنڌ پاڪستان ۾ الله جي مهربانيءَ سان ڪرونا جو زور ٽٽل آهي هتي ايس او پيز تحت پنهنجا تعليمي ادارا هلي سگهن ٿا ته پوءِ مهينن جا مهينا تعليم ادارا درسگاهون صرف شاگردن لاءِ ڇاڪاڻ بند ڪري معصوم ٻارڙن جي تعليمي سال برباد ڪرڻ جي ريهرسل ڪئي وئي آهي، خدارا تعليم جهڙي حساس ترين شعبي کي تجربه گاهه نه بڻايو وڃي، جيڪڏهن هن کي ائين سازشن جي ور چاڙهي ڪرونا جي بهاني روز بروز مستيون ڪري استادن کي اسڪولن ۾ شاگردن کي پڙهائڻ بجاءِ استادن کي هروڀرو سياري جي سخت سردين ۾ به آڻي ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاهيو؟، شاگردن ۽ استادن کان بغير اسڪول کولڻ ڪا معنيٰ نٿو رکي، پهرين فيبروريءَ کان سمورا پرائمري کان ٻيا تعليمي ادارا کولڻ وارو فيصلو  حڪومت سنڌ جو ساراهه جوڳو آهي، سنڌ جي مستقبل لاءِ اسان جي معمارن جي معياري تعليم لازم آهي ۽ انهي سلسلي ۾ اسڪول کلڻ سان نه صرف لکين ڪروڙين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي چهرن تي خوشيون ڇانئجي وينديون پر سندن جي والدين جي چهرن تي پڻ مرڪون ۽ شادمانا اچڻ لڳندا، ڇاڪاڻ ته درسگاهون تعليمي ادارا اسان جي سڃاڻپ، سونهن، ترقي، خوشحالي ۽ زندهه قومن جي شناخت آهن، ڪرونا جي خوف سبب ماڻهن کي ذهني مريض ناهي بڻائڻو، ڪرونا کان ڀڄڻو ناهي بلڪ ڪرونا کي ڀڄائڻو آهي پنهنجي مڪمل احتياط ، ماسڪ، سينيٽائيزر، صفائي سٿرائيءَ، ايس او پيز سميت ڊسٽينس وٿيءَ سان رهي ڪري پاڻ سان گڏ ٻين جي بهتري چاهيندي اسان پنهنجي روز مرهه جي زندگيءَ ۾ رهي سگهون ٿا باقي جيڪڏهن مڪمل  طور تي اسان پاڻ کي هڪ گهر ۾ ڪري ڇڏينداسين ۽ پنهنجا تعليمي ادارا، درسگاهون بند ڪري راهه فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته پوءِ اها راهه نجات نه پر هڪ شامت ۽ خوف واري فضا پنهنجي اوڙي پاڙي سميت معاشري لاءِ عجيبو ثابت ٿيڻ لڳندي، زندگيءَ ۾ تحرڪ نه هجي ته پوءِ زندگي ڪهڙي ٿئي ٿي، دنيا جو سمورو ڪاروهنوار ٺپ ٿيڻ سان پوري ڪائنات ۾ سواءِ خوف، ڊپ، وحشيت جي احساس کانسواءِ ڪجهه به نٿو رهي، تنهن ڪري جيڪڏهن نسلن جي بهتر ۽ صحيح آبياري ڪرڻي آهي ته پوءِ اسان کي ڪڏهن به تعليمي ادارن درسگاهن سان هروڀرو جي ڊرامائي انداز ۾ ريهرسل ڪرڻ کان پاسي تي رهڻو پوندو، جڏهن شادي هال کليل هجن،  بازارون، ٽرينون، بسون، ڪوچز سميت هر ٻيو عمل جاري هجي رڳو اسڪول، ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون تعليمي ادارا  بند ڪيا وڃن ته هن عجيب ۽ اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه کي ڪنهن جي گهيري سازش چئجي يا قوم کي انڌيري ۾ آڻڻ لاءِ پلاننگ جو حصو ڪوٺيو وڃي، تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ حڪومتن جي پهرين بنيادي عملي طرح ترجيح هجڻ گهرجي، جهڙي طرح چين، جاپان، آمريڪا، لنڊن، فرانس سميت ٻين ملڪن ڪرونا وائرس جي بچاءَ لاءِ حڪومتي سطح تي سگهاري قسم جا بنيادي قدم کنيا اهڙي طرح پنهنجي سنڌ کي به سڀ کان اڳ ۾ پوري آبادين خاص ڪري سرڪاري توڙي نجي آفيسن، دفترن، بئنڪن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽيز سميت ٻين جاين تي صفائيءَ جي عمل کي صاف سٿرو بنائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.      

پهنجو تبصرو موڪليو