اسپيڪر اياز صادق فنانس ترميمي بل صدر ڏانهن موڪلي ڇڏيو

اسپيڪر اياز صادق فنانس ترميمي بل صدر ڏانهن موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)فنانس ترميمي بل 2024 صدر آصف زرداري ڏانهن اماڻيو ويو آهي.پارلياماني ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق فنانس ترميمي بل صدر ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.قومي اسيمبلي گذريل ڏينهن فنانس بل ڪيترن ئي ترميمن سان منظور ڪيو هو.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف به بل ۽ لاڳاپيل دستاويزن تي صحيحون ڪيون آهن.صدر جي منظوري کانپوءِ فنانس ترميمي بل پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو