اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن لاءِ لکت امتحان جي نتيجن جو اعلان

اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن لاءِ لکت امتحان جي نتيجن جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) صحت کاتي سنڌ حڪومت جي اسپيشلسٽ ڪيڊر ڊاڪٽرن (BPS 18) جي پوسٽن لاءِ سيپٽمبر 2024 ۾ ورتل لکت امتحان جي نتيجن جو اعلان ڪيو آهي. انهن پوسٽن ۾ ڊرماٽالوجسٽ، آنڪالوجسٽ، ENT اسپيشلسٽ، آپٿالمالوجسٽ (اکين جا ماهر)، پيتھالوجسٽ، فزيشن، نفسياتي ماهر، سرجن ۽ يورولوجسٽ شامل آهن. مجموعي طور 325 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي، جتي شهري ۽ ڳوٺاڻي ڪوٽا سميت سنڌ ۾ موجود آئيني گهرجن تي مڪمل عمل ڪيو ويو آهي. صحت جي شعبي ۾ اسپيشلسٽ ڪيڊر ڊاڪٽرن جي پوسٽن لاءِ اشتهار نمبر 2022/08 تحت اعلان ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ 894 اهل اميدوارن درخواست ڏني هئي. ڪامياب اميدوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو مقرر ڪيل وقت اندر گهربل دستاويز جمع ڪرائين، جن جي جانچ کانپوءِ زباني انٽرويو جو شيڊول جاري ڪيو ويندو. تفصيلي نتيجا ۽ وڌيڪ هدايتون ايس پي ايس سي جي ويب سائيٽ تي موجود آهن

پهنجو تبصرو موڪليو