اسلام آباد پوليس جو علي محمد ۽ مليڪه بخاري بابت لاعلمي جو اظهار

اسلام آباد پوليس جو علي محمد ۽ مليڪه بخاري بابت لاعلمي جو اظهار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن ملائڪا بخاري ۽ علي محمد خان بابت لاعلمي جو اظهار ڪيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مليڪا بخاري ۽ علي محمد خان جي ٻيهر گرفتاري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ وفاقي پوليس پي ٽي آءِ جي ٻن اڳواڻن بابت لاعلمي جو اظهار ڪيو.ٻڌڻي دوران وڪيل چيو ته ٻنهي کي اڊيالا جيل ۾ رکيو وڃي ته ملاقات جو موقعو ڏنو وڃي، پوليس چيو ته خبر ناهي مليڪا بخاري ۽ علي محمد خان ڪير حراست ۾ آهن.عدالت ٻنهي اڳواڻن جي حراست بابت اسلام آباد پوليس کان جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو