اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ڊيوٽي روسٽر جاري

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو ڊيوٽي روسٽر جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن جو ڊيوٽي روسٽر جاري ڪيو ويو آهي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق جي هدايتن تي رجسٽرار آفيس 25 کان 29 نومبر تائين ججن جو ڊيوٽي روسٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.ايندڙ هفتي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا سمورا 8 جج ڪيس ٻڌڻ لاءِ موجود هوندا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي 8 سنگل ۽ 4 ڊويزن بينچ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ٿيندي.جسٽس بابر ستار عدالتي هفتي جي پهرين ڏينهن ڪيسن جي ٻڌڻي نه ڪندو، هو 26 نومبر کان ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ موجود هوندو.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز ڊويزن بينچ نمبر 1 ۾ شامل هوندا، جڏهن ته ڊويزن بينچ نمبر 2 ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان شامل هوندا.ڊويزن بينچ نمبر 3 ۾ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر شامل هوندا جڏهن ته ڊويزن بينچ نمبر 4 ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس بابر ستار شامل هوندا. ججن جي ڊيوٽي لسٽ موجب ڊويزن بينچ سومر کان خميس تائين ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ موجود هونديون.چيف جسٽس جي هدايت تي اسپيشل ڊويزن بينچ يا لارجر بينچ خميس يا ٻئي ڏينهن تي موجود هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو