تحرير عبدالفتاح عباسي
فلسطين جي آئين ۾ لکيل آهي ته جيڪو ماڻهو يا انهي جو خاندان 1947ع کان اڳ فلسطين جي سرزمين ۾ پيدا ٿيو انهي جي پرورش فلسطين جي سرزمين ۾ ٿي پر هو دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊڪڙڇ ۾ رهندو ته اهو فلسطيني آهي، فلسطين ۾ هن وقت به پنجاهه هزار کان وڌيڪ فلسطيني مسيحي آبادي آهي، جنهن مان ٽن هزارن کان وڌيڪ غزهه جي پٽي تي رهن ٿا ۽ انهن مسيحي برادري جي اڪثريت الفتح يا پي ايل او سان گڏ اسرائيل جي خلاف جدوجهد ۾ شامل آهي غزهه جي مٿان وسندڙ بم بارود ۾ مسيحي برادري ۽ مسلمانن ۾ ڪو به امتياز ناهي ٻئي عتاب جو شڪار بڻجي رهيا آهن، عفيف صافيه جيڪي فلسطين جا سينئير سفارت ڪار آهن هيءُ آمريڪا ۽ فرانس ۾ فلسطين جي سفارت ڪار رهي چڪا آهن ۽ هاڻي روس ۾ فلسطين جا سفارتڪار آهن، عفيف صافيه هڪ هڪ فلسطيني مسيحي آهن.، فلسطين جي مسجد اقصيٰ جي باري ۾ قرآن پاڪ ۾ اچي ٿو ته “ مان اها مسجد آهيان جنهن جي سرزمين کي خالق ڪائنات بابرڪت قرار ڏنو آهي ( الا سراءِ 1 ) مان ها مسجد آهيان جنهن کي دنيا جي افضل ترين قوم پنهنجو قبله اول بڻايو آهي ( بخاري مسلم ) مان اها مسجد آهيان جتي خاتم النبين رحمت العالمين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي امامت ۾ سمورن انبياءِ ڪرام نماز جماعت سان پرهي( مسند الحمد صحيح ) ، مان اها مسجد اهيان جنهن کي دنيا جي ٻئي مسجد هجڻ جو شرف حاصل آهي ( بخاري، مسلم ) مان اها مسجد آهيان جنهن جو شمار ٽن مسجدين ۾ ٿئي ٿو جنهن طرف عبادت ڪرڻ جائز آهي ( بخاري مسلم ) ، مان اها مسجد آهيان جنهن ۾ هڪ نماز ادا ڪرڻ جو ثواب ٻه سئو پنجاهه نماز پڙهڻ جو اجر ملي ٿو ( احمد صحيح ) ، مان اها مسجد آهيان جنهن ۾ دجال جو داخل ٿيڻ ممنوع آهي، اهڙي طرح هن مسجد ۾ نماز پڙهندڙ کي اها بشارت به مليل آهي ته اهو ڄڻ اڄ ماءُ جي پيٽ مان آيو آهي گناهن کان پاڪ صاف ، مان اها مسجد آهيان جنهن جي سرزمين تي حضرت عيسيٰ عليه السلام ايندا ۽ اتي دجال کي قتل ڪندا ( ترمذي صحيح) مان اها مسجد آهيان جنهن جي سرزمين بروز قيامت ارض محشر ٿيندي.اڄ مونکي نسل پرست ماڻهن يرغمال بڻائي رکيو آهي، هر ڏهاڙي منهنجي عظمت مٿان حملا ٿيندا رهن ٿا ۽ منهنجي تقدس کي پامال ڪيو وڃي ٿو، منهنجي سرزمين کي مسمار ڪري منهنجي آبادي مٿان خونخوار ڀيانڪ قسم جا حملا ٿيندا رهن ٿا، منهنجي مٿان مسلسل وار ڪري مون کي بيوس ڪرڻ جون ڪوششون ۽ سازشون ٿي رهيون آهن، هر طرف فلسطين جي آهه و پڪار انتهائي ڏکائيندڙ ۽ خونخوار منظر پيش ڪري رهي آهي، دهشتگرد اسرائيلي فورسز جي بمباري کانپوءِ بيت المقدس جا جيءُ جهوريندڙ منظر هر هڪ جي لاءِ ارمان، افسوس ۽ اسرائيل فوج لاءِ بد دعائون جو سامان ثابت ٿيندا رهن ٿا. فلسطين جي جهاد ۾ مفتي، عالم، پير، فقير، ڊاڪٽر، انجنيئر، هاري، ناري، مزدور سڀ شامل آهن هر ڪو پنهنجي حصي جو ڪم پيو ڪري ۽ فلسطين جي مظلوم مسلمانن لاءِ دعائون گهري رهيو آهي، “ نصر من الله و فتح قريب ” خدا تعاليٰ جي مدد يقينن تمام ويجهو آهي. جنهن لاءِ ترڪيءَ جي صدر حافظ رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته هيءَ آذان ڪڏهن به بند نه ٿيندي، هيءُ جهنڊو ڪڏهن به نه ڪرندو، هيءُ ملڪ ڪڏهن به نه ورهائبو ، هيءَ قوم ڪڏهن به ظالم جابر اڳيان نه جهڪندي، اسان مٿان پابنديون لڳائڻ وارا ۽ ڊڄارڻ وارا نٿا ڄاڻين ته انهي جو سمورو اختيار صرف ۽ صرف الله پاڪ وٽ آهي، رجب طيب اردگان پيوٽن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪندي چيو آهي ته عالمي برادري سان گڏجي ڪري اسرائيل کي سبق سيکارڻ گهرجي، جڏهن فلسطين جي مامري تي انٽرنيشنل ميڊيا تي ڏسجي ٿو ته هڪ فلسطيني ڪجهه ڏينهن جو معصوم ٻارڙو اسرائيلن جي حملي ۾ تباهه شدهه عمارت مان زندهه ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو ، هڪ ئي ڪلاڪ ۾ بعد مغربي غزهه ۾ اشاطي ڪئمپ جي هڪ گهر ۾ اسرائيلي فضائي حملي ۾ انهيءَ معصوم ٻارڙي جي خاندان جا 27 ماڻهو شهيد ٿين ٿا. روزانو مرد عورتون نوجوان معصوم کير پياڪ ٻارڙا ماري شهيد ڪيا وڃن ٿا 137 کان وڌيڪ ماڻهو رت ۾ ٻڏل لاش ۽ سوين ماڻهو معذور ڪيا ويا آهن ۽ هزارين زخمي ڪيا ويا آهن گهٽي گهٽي روڊن رستن تي آهه و پڪار جاري آهي ، فلسطين ۾ هن وقت ڪربلا جو منظر ڏسڻ لاءِ ملي رهيو آهي ڪنهن حسيني ڪردار جي ضرورت آهي، تنهن لاءِ مسلمان کي گهرجي ته هو اهو ارادو رکن ته ؛ جب اپنا قافله عزم و يقين سي نلي گا، جهان سي چاهو گي رسته وهين سي نڪلي گا. زماني سي الجهنا به اڇا نهين مگر، يهان حد سي زيادهه به سرافت مار ديتي هي.مين چپ تها ڪه برباد نه هوجائي گلسن ڪا سڪون، نادان يه سمجهه بيٽها ڪه مجهه مين قوت للڪار نهين .اسرائيل ۾ شب رات جي ڦٽاڪن وانگر ميزائيل ڪيرايا ٿا وڃن اسمان مان فلسطين جي مظلوم ماڻهن مٿان گولين بم ۽ بارود جپ وسڪارو جاري آهي، قيامت خيز منظر جيءُ جهوري رهيا آهن، جنهن تي فلسطيني اڳواڻ خالد مشعل بارهه راست اسلامي ملڪن کي مخاطب ٿيندي چئي ٿو ته اي مسلم ملڪن جا سربراهون ڪڏهن پنهنجي غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ٿيندوءُ، فلسطين ۾ رت جي نديون وهي رهيون آهن ۽ حڪمران رڳو بيان بازي تائين محدود آهن، عملي طرح فلسطين جي مسلمانن جي حفاظت جو سوال آهي قبله اول مسجد اقصيٰ جي حرمت جو سوال آهي، وري به ترڪي ملڪ ۽ آمريڪا جي شڪاگو ۾ فلسطين جي حق ۾ لکين ماڻهو نڪري اسرائيل خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لڳن ٿا، فلسطين ۾ بهادر دلير ۽ وطن جي مٽيءَ سان عشق ڪندڙ مائرون پنهنجي ٻچڙن کي فلسطين جو آزادي جو پرچم جهنڊو هٿ ۾ کڻائين ٿيون ۽ پوءِ اسرائيلي فورسز جي سامهون اهي معصوم ٻارڙيون نينگريون وڏي قوت سان للڪاريندي آزاديءَ جو جهنڊو جهڙي طرح ڦڙڪائين ٿيون ۽ دشمن جي سامهون بلند ڪن ٿيون انهي جو مثال نٿو ملي سگهي، هڪ معصوم ٻارڙي جي هٿ ۾ کير واري بوتل وات ۾ آهي ٻئي هٿ ۾ پٿر کنيل آهي جيڪو فورسز ڏانهن ڦٽو ڪري سخت نفرت جو اظهار ڪري رهيو آهي، اهڙا کوڙ سارا منظر يقينن فلسطين جي نفرت غم غصي ۽ آزادي جي پنڌ ڏانهن ويجهو وڃڻ جي کليل نشاني آهي، بيت المقدس جي جنگ جي شروعات جنهن محلي پاڙي شيخ جراح مان ٿي آهي اها عظيم اسلامي سپه سالار سلطان صلاح الدين ايوبي جي طبيب خاص شيخ حسام الدين سان منسوب آهي، جيڪي لشڪر جا اهم سپه سالار هيا، حاذق حڪيم ۽ سلسله قادريه جا مشهور بزرگ هيا.نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ؛ هڪ دور ايندو جڏهن توهان يهودين سان جنگ ڪندوءُ، ۽ اهي شڪست کائي ڀچندا ويندا، ڪو يهودي جيڪڏهن پٿر جي پويان لڪي ويهندو ته اهو پٿر به ڳالهائڻ شروع ڪندو ته اي الله جا ٻانها ! هي يهودي منهنجي پويان لڪي ويٺو آهي ، انهي کي قتل ڪري ڇڏيو.( صحيح ، مسلم ) سنڌ جي ناليواري مذهبي اسڪالر مفتي حق نبي الازهري سڪندري هڪ حديث پاڪ ٻڌائيندي چيو ته “ جنهن مرڻ کان اڳ ڪڏهن جهاد جي تمنا به نه ڪئي ڄڻ اهو منافق ٿي مئو ”، توهان فلسطين جي مسلمانن لاءِ جهاد نٿا ڪري سگهو گهٽ ۾ گهٽ فلسطيني مسلمانن لاءِ دعا ته گهري سگهو ٿا. نجم الدين اربڪان جو چوڻ آهي ته ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمان هوندي هاڻي ڪنهن ابابيل جي انتظار ۾ خاموش هجن ۽ 80 لک اسرائيلن کان جان ڇڏائين، اڄ جيڪڏهن ابابيل به اچن ته اهي پٿريون يهودين اسرائيلن کي نه پر مسلمانن کي هڻن. پوري دنيا ۾ مسلم 56 ملڪن جا سربراهه جيڪڏهن ايماني غيرت جو مظاهرو ڪندي اعلان ڪن ته اسرائيل دهشت گرد خاموشي اختيار ڪندي معافي وٺي رت جي راند بند ڪري سگهي ٿو .اسرائيل جي صدر قاتل نيتن ياهو کي فلسطين جي ڪهرام تي هزارين ماڻهو شهيد ڪرڻ تي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ۽ اسرائيل سان هر طرح جو معاشي معاشرتي بائيڪاٽ ڪري کليل نفرت جو اظهار ڪيو وڃي. جيئن قاتل رهزن اسرائيل کي پتو پئجي سگهي ته مسلم ملڪن جا سربراهه خواب غفلت مان بيدار ٿيا آهن ۽ قبله اول جي حفاظت ڪري فلسطينن جي خون جي قطري قطري جو حساب ورتو ويندو.










