نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سنسني خيز بيانن کان پوءِ ايران جي مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. ان حوالي سان سلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، ۽ يورپي پرڏيهي وزير به ايران سان ايٽمي مسئلي تي ڳالهيون ڪندا.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسرائيل-ايران جنگ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس جمعي تي طلب ڪيو ويو آهي. ايران اجلاس جي درخواست ڪئي.نيوز ايجنسي جو چوڻ آهي ته ايران جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست کي پاڪستان، چين ۽ روس جي حمايت حاصل آهي.نيوز ايجنسي موجب، ايران ۽ جرمني، فرانس ۽ برطانيه جي وچ ۾ ڳالهيون پڻ جمعي تي ٿينديون، جنهن ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي شرڪت ڪندا. ڳالهيون جنيوا ۾ ٿينديون، جنهن کان پوءِ ماهرن جي سطح تي هڪ منظم ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ذريعن موجب، يورپي پرڏيهي وزير جمعي تي جنيوا ۾ ايران سان ايٽمي مسئلي تي ڳالهيون ڪندا. خبرن جي ايجنسي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا جنيوا ۾ پنهنجي ايراني هم منصبن سان يورپي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات تي به اتفاق ڪيو.










