استادن مٿان وحشياڻو تشدد آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي

حاجي شفيع محمد سٺيو

19 ڊسمبر 2020ع ڇنڇر ڏهاڙي تي ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي بني گالا هائوس سامهون پنجاب جي ڪانٽريڪٽ استادن مٿان جهڙي طرح پوليس استادن کي وحشياڻي انداز ۾ لاٺي چارج ، آنسو گيس ۽ تشدد جو نشانو بڻايو اهي، انهي سمورين غير جمهوري سوچ وارن کي به پوئتي ڪري ڇڏيو آهي، استاد ڪٿي جو به هجي اهو استاد ئي آهي استاد جو ڪم قوم جي ٻارڙن جي بهتر نشو نما ڪرڻ آهي، هيءُ وڏو سانحو ءٌ ٽريجڊي آهي ته هن معاشري ۾ استاد کي مڙيئي ڪري محسوس ڪيو ويو آهي ۽ انهي تعليم جهڙي اهم ترين شعبي تي جيڪا حڪومتن جي توجهه ڏيان ڏيڻ کپندو هيو هيو اهو اصل کان نه ڏنو ويو آهي، هر حڪومت ۾ استادن جي جائز مطالبن جي حصول لاءِ نڪرندڙ احتجاجي ڌرڻي مٿان استادن مٿان هلان ڪئي وڃي ۽ پوليس گرديءَ جي بدترين وحشياڻي ڪاروائي ٿيندي رهي ٿي، پنهنجي جمهوري ملڪ ۾ وزيراعظم عمران خان تائين ياداشت نامو پيش ڪرڻ جي سزا پوليس جو وحشياڻو تشدد لٺيون، آنسو گئس، واٽر ڪين، پوليس جون گاڏيون ڀري انهن مهذب پيشي سان تعلق رکندڙن استادن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ضروري آهي ڇا ؟، .پاڪستان ملڪ ۾ عجيب قسم جي جهموريت عوام کي مليل آهي. هتي حق گهريندڙن مٿان نوان نوان لقب ڏيئي ڪوڙا ۽ بي بنياد من گھڙت الزام لڳائي حق گهريندڙ کي هروڀرو جون صعوبتون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. استاد پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج ڪندي جڏهن مري روڊ کان بني گالا روڊ ويندي استادن مٿان خطرناڪ قسم جي لاٺي چارج، آنسو گيس ۽ غير انساني تشدد ڪيو وڃي ٿو ته پوري دنيا انهي ڳالهه تي حيرت ڪري رهي آهي ته آخر هي ڪهڙو جهموري ملڪ آهي ؟ جنهن ۾ استادن مٿان اهري طريقي سان حڪومت پيش اچي پوءِ به جهموريت جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي،  تي نڪتل آهن. جتي هزارين استادن هڪ آوازبڻجي مري روڊ کان بني گالا وزير اعظم هائوس آڏو مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته رستي ۾ پاڪستان  تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي وفاقي حڪومت پنجاب جي استادن مٿان وحشياڻي تشدد ڪندي استادن کي رتو رت ڪري ڇڏيو. آخر ڪار استادن جا مطالبا تسليم ڪرڻ باوجود انهن جو عملي طرح نوٽيفڪيشن جاري ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟. استادن جي مٿان ائين جيڪڏهن پوليس گردي جو سلسلو جاري رکڻو آهي ته پوءِ هن سماج ۾ هڪ معتبر ۽ مانائتي پيغمبري پيشي جو لحاظ باقي ڇا رهي ٿو. شايد انهن عقل جي انڌن کي اها سڌ ئي ڪانهي ته اهڙي عملي سان استادن جي مٿان وحشياڻي تشدد سان پوري سماج سوسائٽي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جو ڪردار ٺهڻ بجاءِ ويتر رهيو ڪهيو به پي ٽي آءِ جو مورال ڪارڪردگي زيرو تي پهچي ٿي ۽ تباهه ٿي رهي آهي. اها ڳالهه ته هاڻي واضح ٿي چڪي آهي ته هيءَ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت  استادن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ٿورو به سنجيده ۽ نيڪ نيت ناهي، بلڪ استادن سان ماٽيلي ماءُ جهڙو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جنهن تي استاد ۽ انهن استادن جي اولاد، مائٽن، عزيزن رشتيدارن، دوستن احبابن معني ته هيءَ انگ بيشمار ووٽرن ۾ ٿئي ٿو انهن سان پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جو هروڀرو جو وير ۽ دشمني ڪا چڱي ڳالهه ته ناهي. انھي سلسلي ۾ استادن جي نمائنده تنظيم آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن (پ ٽ الف) به پڪاريندي رهي آهي ته سنڌ جي پرائمري استادن جا هڪ وڏي عرصي کان رهيل مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن جنهن ۾اسان جي ڪيترن ئي پرائمري استادن کي ريگيولرڪرڻ جو بل به پاس ڪيو،  بائيوميٽرڪ سسٽم کي اپ گريڊ ڪري ڪراچي سيڪريٽريٽ بجاءِ هر ضلعي ۾ رائج ڪيو وڃي ته جيئن بهتر نتيجا حاصل ٿي سگهن، سنڌ جا ڪافي استاد ڪنهن سبب ڪري سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سالن کان رپورٽ ڪرايل آهن انهن کي پنهنجي ضلعن ۾ مقرر ڪري ڊي او يا ڊائريڪٽر معرفت ڊپارٽمينٽل انڪوائري ڪري ساڻن انصاف ڪيووڃي، ٽيچرس ڪوٽا بحال ڪئي وڃي، بند پيل اسڪولن کي کولرائڻ ۽ سنڌ جي اسڪولن ۾ انرولمينٽ کي وڌ کان وڌ بهتر ڪرڻ لاءِ پ ٽ الف سان گڏ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ آف اڪستان پاران استادن جي انٽرينڊ انڪريمينٽ جي حق ۾ فيصلو ڏنل آهي ته سنڌ ٽريبونل پاران پڻ انٽرينڊ انڪريمينٽ بابت منظور ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته ضلع نوابشاهه ميرپورخاص جي استادن انٽرينڊ انڪريمينٽ جون مراعتون حاصل ڪري ورتيون آهن ساڳي قسم جون مراعتون سموري سنڌ جي استادن کي پڻ ڏنيون وڃن ۽ 2002ع مشرف حڪومت کان تعليمي انڪريمينٽون بند پيل آهن سي بحال ڪيون وڃن اهڙي طرح استادن جا جائز مطالبا تسليم ڪرڻ باوجود انهن جو باضابطه طور عملي طرح نوٽيفڪيشن جاري نه ڪرڻ سنڌ جي پرائمري استادن سان ظلم ۽ زيادتي مترادف عمل آهي. سنڌ جا استاد به هن سسٽم جو حصو آهن انهن کان اهي شيون توقع ڪيون وڃن جنهن تي هٿ ٺوڪيا اديب تنقيد براء تنقيد ڪرڻ وارا پهريان پنهنجي گريبان کي ڏسن پوءِ ٻين تي تنقيد ڪن.استاد هن معاشري جو اهم ترين  فرد آهي جيڪو مسلسل صبح کان منجهند تائين هڪ ڪلاس ۾ شاگردن سان بائونڊ ٻڌل آهي معني ته هو هڪ پيرڊ وٺي هليو نٿو وڃي  بلڪ انهيءَ استاد جي مڪمل سرگرمين جو مرڪز ۽ محور صرف ۽ صرف اسڪول ۾ ويٺل شاگردن ئي رهن ٿا،  پرائمري استاد جهڙي طرح  معصوم ٻارڙن جي نشوونما انهن جي سنگهه لم به پاڻ ڪڍن ٿا ۽ والدين وانگر ڳن مٿان ڏيندي انهن جي ننڍي عمر ۾ ڄڻ ته پرورش به پاڻ ڪن ٿا. اهي ملڪ جا معمار تيار ڪن ٿا انهن پرائمري استادن جي بدولت اڄ جج، ملڪ جا صدر، وزيراعظم ۽ وڏا وزير پنهنجين سيٽن تي قائم ويٺل آهن. بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ جي سياستدان کي جيڪا عملي طرح سياسي طور تي نمايان ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ ۽ ٻڌائڻ لاءِ ناهي ته هو مڙيئي ماڻهن کي انگيج مصروف رکڻ لاءِ حڪومت ۾ ويٺل حڪمران سنڌ جي پرائمري استادن مٿان هروڀرو جي ڪاوڙ ڪري سياست ڪندا آهن. جڏھن ته تعليم کاتي ۾ حڪومت ۾ 5، 5 بلڪ 10.10 سال ويهڻ باوجود تعميري ۽ يادگار طور عملي ڪم گهٽ بلڪ نه هئڻ جي برابر ٿيا آهن. سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪجھ ڏينھن اڳ جي رپورٽ موجب اهو ٻڌايو ويو ته سنڌ جي هزارين اسڪولن ۾ هن وقت به بنيادي ضرورتون واش روم، ليٽرين، اسڪولن ۾ صفائي عملي جو نه هجڻ، صاف پيئڻ جو پاڻي ميسر نه هجڻ، اسڪولن جي اندر ڪلاس روم ٽٽل ڦٽل يا وري اڪثرهنڌن تي ڪلاس صفا نه هجڻ، راند جو ميدان نه هجڻ، کليل آسمان هيٺ هن جديد دور ۾ به پٽ تي ٻارڙا تعليم وٺڻ تي مجبور آهن، سنڌ جي تعليم جي ترقي لاءِ ورلڊ بئنڪ، ايشين بئنڪ، اقوام متحده، يورپين امدادي ادارن سميت پرڏيهي مختلف ملڪن کان تعليم شعبي جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ امداد ملندي رهي آهي پرگذريل 10 سالن کان اها الائي ڪٿي خرچ ڪئي وئي آهي. جهڙيءَ طرح آمريڪي سازشي صدر ڊونلڊٽرمپ پاڪستان جي حڪمرانن کان 33ارب ڊالردهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏنل پئسن جو حساب وٺڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جيڪا ان جي غلط ۽ بي بنياد ڳالهه هئي پر هتي ته نسوروناحق آهي جو استاد جيڪي تعليم کاتي جا وڏا اسٽيڪ هولڊر آهن انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا عوام دشمن ۽ استاد دشمن فيصلا مڙهڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي جيڪا ڪنهن به معاشري ۽ سماج ۾ قبول نه ٿي ڪري سگهجي. استاد جي تذليل ڪنهن ملڪ ۾ تصور نه نٿي ڪري سگهجي پر هتي معاشري جي انهن اهم ترين پيغمبري سان لاڳاپيل استادن جي تذليل ڪرڻ استادن مٿان وحشياڻي تشدد ڪرڻ انهن مٿان لاٺي چارج ڪرڻ، آنسوگيس جا شيل وسائڻ ۽ روڊن تي گهيلڻ ڪٿان جي جهموريت ۽ عوام دوستي آهي؟. سماجي ڪي قدر هوندا آهن، ڪي انساني ويليوز ٿيندا آهن پر هن مدي خارج سماج ۾ جتي ڪنهن ڄٽ ڀوتارکي ته ڪرسيءَ تي ويهاريو وڃي ٿو پر پڙهيل لکيل استاد کي ڀوتارن جي مقابلي ۾ هيٺ پٽ تي ويهاري احوال ورتو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته پنهنجي سوسائٽي خوف ۾ ورتل آهي هوهڪ چور نالي جي رئيس، هڪ اڻپڙهيل جاهل جاڙي جمعدارکان خوف ۾ ورتل آهي، ڇاڪاڻ ته هتي جيل ۽ ٿاڻا وڪروٿين ٿا ۽ انهن جا واڪ لڳن ٿا، جتي اهڙي حالت هجي اتي پنهنجي لکيل پڙهيل استاد جو اهي هٿ ٺوڪيا ڀوتار ۽ رئيس پنهنجي سنڌ جي استاد کي پنهنجو غلام سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ماڻهو ڪميشن مافيا جي انڌي اٺ تي سوارهجڻ ڪري پنهنجي پوئين انجام کي وساري ويٺا آهن، هي هٿ ٺوڪيا سليڪٽيڊ ۽ حادثاتي طور تي آيل حڪمران ۽ سياستدان پنهنجي قدرتي انجام کان ڇو نه ٿا ڊڄن هنن استادن جي، لاءِ هڪ شاعر چوي ٿو، انهن جون چماٽون اڃان ياد آهن، اکيون کول اي قوم هي استاد آهن، انهن جي حقن جو حساب ئي ناهي، سڄي قوم سرهي جي هي شاد آهن.        

پهنجو تبصرو موڪليو