اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي سينيٽر پلوشا خان چيو آهي ته ايراني صدر کي اسان جي پارٽي ڀليڪار ڪري ٿي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پلوشه خان چيو ته ايران اسرائيل کي ان جي ٻولي ۾ سبق سيکاريو.پلوشه خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙي پارٽي آهي جيڪا مفاهمت نٿي چاهي، صدر پاڪستان پنهنجي خطاب ۾ بار بار مفاهمت جي آڇ ڪئي، مخالف ڌر هر ڀيري مفاهمت کان انڪار ڪيو.










