اسان جو معاشرو ۽ ان جون ڀيانڪ ريتون رسمون

اسان جو معاشرو ۽ ان جون ڀيانڪ ريتون رسمون

تحرير طفيل مگسي 

اسان جو معاشرو جيڪو بي حساب بيشمار ۽ بي انتها سماجي برائين جو شڪار بڻجي ويو آھي يا ايئن کڻي چئجي ته ان کي هٿ سان بڻايو ويو آھي.تڏھن به ڪو وڌاء نه ٿيندو.۽ اھڙيون برائيون جيڪي اسان جي معاشري کي اڏوھي جيان اندران ئي اندران کوکلو ڪري رهيون آھن.جنهن ۾ سڀ کان وڏي بيماري ڪنهن تي تهمت ھڻڻ يا وري ڳالھ ڳالھ تي ڪوڙھڻڻ.جنهن کانسواء شايد اڄڪلھ ڪنهن جو ضاھمو نٿو ٿئي يا بي جواز ۽ بي سبب قسم کڻڻ وغيره وغيره.تهمت ياغيبت يا ڪنهن تي اجايو الزام هڻڻ جو مقصد ته ڪنهن ٻئي کي بنا ڪنهن سبب جي دنيا جي نظرن ۾ ڪرائجي.مطلب ته تهمت هڻڻ.ساڙ ڪرڻڻ ۽ بي سبب ڪنهن تي الزام هڻڻ معاشري ۾ مستقل مزاجي اختيار ڪري چڪو آھي.تهمت ۽ غيبت هڪ اهڙي بڇڙي بيماري آھي ته جنهن جي اصل ۾ ڪا حقيقيت به ناهي هوندي پر پوء به ان کي هٿ سان حقيقيت جو روپ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي.ڪنهن ٻئي انسان تي تهمت هڻڻ جي پٺيان اڪيچار سبب هوندا آھن.جنهن ۾ يا ته الزام هڻڻ واري جي دشمني هوندي آھي.يا ناراضگي هوندي آھي.يا ته کانئس کان ٻئي انسان جي ڪاميابي برداشت ناهي ٿيندي بلڪ انهيء اوٽ ۾ ان جي ڪوشش اها ھوندي آھي ته مٿس يا سندس پٺيان ڪو اهڙو الزام هنيو وڃي جنهن سان فرد جي ڪردار ڪشي ڪندي سندس جي وڌيڪ ترقي واري عمل کي بند ٻڌي ڇڏجي.اسان جي معاشري ۾ تهمت.غيبت.ساڙ ڪرڻ جهڙيون سماجي برائيون روزمره جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شين جيان عام ٿي ويون آھن.حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته تهمت.غيبت يا ساڙ اهي ڪندا آھن.جيڪي پاڻ ڪجه به ناهن ڪري سگهندا.اهڙا ماڻھو جيڪي پنهنجي اندر َ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي قابليت نٿا رکن انهن منجه تهمت هڻڻ .غيبت ڪرڻ ۽ ساڙن ڪرڻ جي وڏي بيماري هوندي آھي.ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻھو ٻين جي ڪاميابين کي ڏسي ڪري ساڙ کي محسوس ڪرڻ لڳندا آھن.انسان ڏنڊي سان مارڻ .بندوق سان مارڻ جي بجاء جيستائين ممڪن هوندو آھي.تهمت هڻي ڪري ان جي ذات وڪردار تي حملو ڪن ٿا.تهمت هڻڻ يا غيبت ڪرڻ هڪ اھڙي بيماري آھي ته جنهن جو گناه تمام وڏو آھي.قرآن وحديٽ ۾ ساڙ.تهمت يا غيبت جي سخت مخالفت ڪئي وئي آھي.رب پاڪ فرمائي ٿو ته هڪ ٻئي جي غيبت ڪرڻ پنهنجي سڳي ڀاء جو گوشت کائڻ جي برابر آھي.ڪنهن سان ساڙ نه ڪريو.اجايون افواهون نه پکيڙيو.ڪنهن جي عزت ۽ ڪردار تي سڄي معاشري ۾ تنقيد ڪرڻ کانپوء جيڪڏھن اهو معافي گهري وٺي ته جيڪو نقصان ٿي ويو هوندو آھي.ان جو ازالو ممڪن ناهي.تهمت لفظ ھڪ ڪوڙو لفظ آھي.ليڪن اهو ان حد تائين خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ته ان سان انسان جو موت به واقعي ٿي وڃي ٿو.معاشري ۾ تهمت عورت ۽ مرد ٻنهي تي هنيا وڃن ٿا .بدقسمتي سان معاشري ۾ عورت ذات کي مرد جي مقابلي ۾ وڌيڪ تهمت جو سامهون ڪرڻو پوي ٿو.معاشري ۾ جتي عورتون هڪ ٻئي تي تهمتون هڻن ٿيون اتي مرد ذات تي به تهمتون هنيون وڃن ٿيون.مرد ذات تي تهمت هڻڻ سان مرد ذات کي وڌيڪ تڪليف يا مسئلو نٿو ٿيئي .کين سندس ڀيٽ ۾ عورت تي تهمت هنئي وڃي ته ان جو اثر ستن پيڙھين تائين ٿيئي ٿو ۽ کيس کي پيڙھين تائين طعنا ۽ مهڻا سهڻا پون ٿا.جڏھن هڪ انسان ٻئي انسان تي تهمت هڻي ٿو ته انسان سمجهي ٿو ته اهو انسان ڪا شيء ناهي.ان جي ذات تي ڪو اثر نه ٿيندو.خاص طور تي عورتن کي ان مامري ۾ نهايت ڪمزور سمجهيو وڃي ٿو.انهن کي شعور ناهي هوندو ته اها تهمت ڇوڪري جي زندگي برباد ڪري ڇڏي ٿي.سچ پڇيو ته عورت کانسواء ته دنيا ويران آھي.مرد ذات جو عورت کانسواء بيشڪ گذارو نٿو ٿي سگهي.معاشري ۾ اڪثر تهمتن جو شڪار بڻجي يا بڻايون وڃن ٿيون.جيڪي پروفيشنلي طور تي سماج ۾ پنهنجي جڳھ ٺاھين ٿيون.خاندان ۾ مائٽن جي طرف کان ۽ اڪثر ٻاھر آس پاس جي ماڻھن جي طرف کان تهمت .غيبت يا ساڙجهڙن ناسوري جملن جو استعمال شروع ٿي وڃي ٿو.يعني ماڻھن جو خيال هوندو آھي ته ڇوڪري جو پروفيشلي طور تي اڳتي اچڻ ضرور سندس جا ڪنهن سان تعلقات هوندا.سفارش ڪرائي هوندائين. يا تعلقات جي بنياد تي ان کي سٺي پوسٽ ملي هوندي.يا ته رشوت ڏني هوندائين.ڇوڪر ذات جو اڳتي وڌڻ ڪو آسان ته ناهي.ڇوڪري ته ڪمزور هوندي آھي.ممڪن ئي ناهي ته تعلقات جي بنا پروفيشنل لائقف ۾ ترقي ڪري سگهي.يعني ان عورت ذات ۽ مرد ذات شروع کان ترقي جي اسٽيج تائين پهچڻ جي لاء تعليم حاصل ڪرڻ واري محنت ۽ جدوجهد مٽي ۾ ملي وڃي ٿي.ان جي محنت.جدوجهد ۽ صلاحيتن کي نظر انداز ڪري ڪوڙي تهمت هنئي وڃي ٿي.چند ناسور جهڙن جملن جو استعمال ڪري انهن جي والدين جي پنهنجن ٻارڙن جي ننڍپڻ کان پروفيشنل لائيف تائين پهچائڻ واري سموري محنت تي پاڻي وڌو وڃي ٿو.افسوس ٿيئي ٿو ته معاشري ۾ ھڪ ڇوڪري مجبوري کان پنهنجي گهر کان ٻاھر نڪري ڪري گهر جا مالي خرچ پورا ڪرڻ جي لاء نوڪري ڪري ٿي .اهڙي ڇوڪري اڪثر تهمت جي ور چڙھي وڃي ٿي.جنهن جا نتيجا نهايت ڀيناڪ ٿين ٿا.آخر ۾ تهمت جو شڪار ڇوڪري گهر ۾ ويهي رهي ٿي ۽ ان ريت ڇوڪري اندر ئي اندر ۾ پنهنجو موت مري وڃي ٿي.جڏھن هڪ عورت تي ڪوڙو الزام هنيو وڃي ٿو ته ان صورت ۾ عورت نفسياتي طور تي ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃي ٿي.هن جو روشن مستقبل ماڻھن جي غلط جملن جي سبب کان اونداهو ٿي وڃي ٿو.اهڙي ريت اسان ڪنهن جي زندگي برباد ڪرڻ کانپوء ڏاڍا خوش ٿيندا آھيون ته اسان تمام وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آھي.ليڪن ان صورت ۾ اسان کي اندازو ناهي ٿيندو ته اسان انسانيت جي معيار کان ڪنهن حد تائين ڪري پئون ٿا.سماج ڪيترو سفاڪ. ظالم ۽ بدمزاج ٿي رهيو آھي.ظلم ۽ بربريت خطرناڪ صورتن  ۾ عام ٿي چڪي آھي. ڪنهن جي زندگي برباد ڪرڻ .ڪنهن جو گهر اجاڙڻڻ.ڪنهن عزت سان کيڏڻ يا لتاڙڻڻ اسان جو معمول بڻجي ويو آھي.اهڙي ڪا سماجي برائي ناهي جيڪا اسان منجه ناهي. اسان هن دور جا انسان نه بلڪ آدم خور بڻجي ويا آھيون.اسان کي اهو سوچڻ جي اشد ضرورت آھي ته ڪنهن به هڪ انسان جي بربادي سڄي معاشري جي نربادي آھي.اسان پنهنجي اندر انهن برائين جي پرورش ڪري رهيا آھيون.جيڪي اسان ۽ اسان جي معاشري جي زوال جو سبب بڻيل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو