ادارن جي سربراهن کي قانوني دائري ۾ رهڻ گهرجي، مريم/ بلاول

ادارن جي سربراهن کي قانوني دائري ۾ رهڻ گهرجي، مريم/ بلاول

اسلام آباد(رپورٽ اياز مھر) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ادارن جي سربراهن کي هارايل عمران خان سان هن وقت ملاقات نه ڪرڻ گهرجي ها. اهڙو اظهار هن بلاول سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. ياد رهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ اليڪشن ۾ حفيظ شيخ جي شڪست بعد 4 مارچ تي ملاقات ڪئي هئي. ان تناظر ۾ مريم چيو ته ادارن جي سربراهن کي پوئتي هٽڻ گهرجي عمران انهن جا چهرا ڏيکاري کين استعمال پيو ڪري. ادارن جي سربراهن کي قانوني دائري ۾ رهڻ گهرجي. بلاول ڀٽو چيو ته هن ڪٺ پتلي مان هميشه لاءِ جان ڇڏائينداسين ۽ جمهوريت کي بحال ڪنداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ايترو آسان ناهي ته اسين ڪو سوئچ دٻايون ۽ حقيقي جھمهوريت بحال ٿئي، هي هڪ ڊگهو جدوجهد جو عمل آهي جيڪو اسين گڏجي ڪنداسين. هنن چيو ته گيلاني جي فتح تي سڄي ملڪ ۾ جشن ملهايا ويا ۽ اهو عوام جي هن حڪومت خلاف نفرت جو  اظهار آهي. مريم چيو ته عمران خان چوي ٿو ته پي ڊي ايم ناڪام ٿي وئي پر پي ڊي ايم ته هن کي ڏينهن جو تارا ڏيکاري ڇڏيا آهن ۽ هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ۽ وڦلي پيو. بلاول ڀٽو چيو ته گيلاني جي فتح بعد ته عمران جو پنهنجو صدر پيو چوي ته اعتماد وڃائي چڪو آهين ۽ اسمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺ. مريم چيو ته اليڪشن ڪميشن تي هو اجائي تنقيد پيو ڪري، چيف اليڪشن ڪمشنر هن پاڻ مقرر ڪيو ۽ هي ساڳئي ڪميشن آهي جنهن 6 سالن تائين فارين فنڊنگ ڪيس ۾ سندس پردو رکيو، اسانجا ماڻهو نااهل قرار ڏنا ۽ هن جي ماڻهن کي فائدو ملندو رهيو. هن چيو ته ڊسڪه ۾ چوري پڪڙجڻ جو مطلب اهو ناه ته اوهان ادارن تي دٻاءُ وجهو.

پهنجو تبصرو موڪليو