احتجاج ڪيس: عمر ايوب جا قابل ضمانت وارنٽ جاري

احتجاج ڪيس: عمر ايوب جا قابل ضمانت وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت احتجاجي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ عمر ايوب جا ضمانتي وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.جج طاهر عباس سپرا 4 آڪٽوبر تي عمر ايوب، اعظم سواتي ۽ ٻين ڪارڪنن خلاف احتجاجي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم خان سواتي جي حاضري کان استثنيٰ جي درخواست منظور ڪري ورتي.عدالت غير حاضر جوابدارن جي ضمانتي مچلڪن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو