ماسڪو (ويب ڊيسڪ)روسي صدر ولاديمير پيوٽن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي وڏي ۽ مضبوط روس کان خوفزده آهن.روسي ايئر فورس جي اهلڪارن کي خطاب ڪندي روسي صدر ولاديمير پيوٽن واضح ڪيو ته روس نيٽو ملڪن يا يورپ تي حملو نه ڪندو.هن جو چوڻ آهي ته روس جو پولينڊ، بالٽڪ رياستن يا چيڪ ريپبلڪ خلاف ڪو به جارحاڻو ارادو ناهي.روسي صدر پيوٽن چيو آهي ته جعلساز دفاع جي نالي تي پنهنجي عوام کان اضافي پئسو هڙپ ڪرڻ چاهين ٿا.ان موقعي تي روسي صدر پيوٽن انهن ماڻهن کي خبردار به ڪيو جيڪي چون ٿا ته روس جو تعلق رڳو روسين جو آهي.هن چيو ته روس ڪيترن ئي قومن ۽ مذهبن کي مڃيندڙن جو ملڪ آهي، مسلمان ۽ يهودي ٻين مذهبن جي مڃيندڙن وانگر اسان جا ڀائر آهن.روسي صدر ولاديمير پيوٽن جو اهو به چوڻ آهي ته روسين کان سواءِ سڀئي پرڏيهي سڏائڻ وارا روسي عوام کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا.










