آمريڪا ڀارتي ڪمپني تي پابندي لڳائي ڇڏي

آمريڪا ڀارتي ڪمپني تي پابندي لڳائي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر جي دوري جي هڪ ڏينهن کانپوءِ آمريڪا ڀارتي ڪمپني تي پابندي لڳائي ڇڏي.ڀارتي ميڊيا موجب آمريڪا هڪ ڀارتي ڪمپني تي ايراني تيل ۽ پيٽروڪيميڪل شين جي خريداري ۾ سهڪار ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ موجب ڀارت جي پرائيويٽ پيٽروليم ڪمپني ايران کان ڪروڙين ڊالر ماليت جون پيٽروڪيميڪل شيون خريد ڪيون، جن ۾ ميٿانول ۽ بيس آئل به شامل آهن، جيڪي چين موڪليا ويا.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته اسان هڪ عالمي گروپ تي اقتصادي پابنديون لڳايون آهن جيڪو ڏکڻ ۽ اولهه ايشيا ۾ ايراني بروڪرز کي مدد فراهم ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو