واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته آمريڪا خلاف الزامن ۾ ڪا به سچائي ناهي، هن چيو ته اسان پرامن جمهوري اصولن ۽ انساني حقن جي حمايت ڪريون ٿا.واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستاني فوج ترجمان جي بيان سان اتفاق آهي. هن چيو ته سازش جي حوالي سان اسان جو پيغام ۽ بيان بلڪل واضح آهي، اسان پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ پارٽي جي حق ۾ نه آهيون ۽ پرامن جمهوري اصولن ۽ انساني حقن جي حمايت ڪريون ٿا. نيڊ پرائس چيو ته هو پاڪستان جي نئين وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو ۽ سندس حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان چيو ته آمريڪا خلاف الزام بي بنياد آهن ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ پارٽي جي حمايت نه ڪئي پر پرامن جمهوري اصولن ۽ انساني حقن جي حمايت ڪئي.










