احمد حسن پنھور
وچ اوڀر هن وقت تاريخ جي هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل آهي، جتي بارود جي بوءِ ۽ ميزائلن جي گونج عالمي امن جي دعوائن کي لتاڙي رهي آهي. فيبروري 2026 ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران تي ڪيل حملن، جنهن ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي سميت اعليٰ قيادت کي نشانو بڻايو ويو، نه صرف علائقائي توازن بگاڙي ڇڏيو آهي پر هڪ اهڙي عالمي جنگ جي بنياد رکي ڇڏي آهي جنهن جا اثر صدين تائين محسوس ڪيا ويندا. ظاهري طور تي آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي ايٽمي تنصيبات ۽ فوجي قيادت کي نشانو بڻائي پنهنجي “فوجي برتري” ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر ايران جو جوابي عمل (سوفٽ پاور, ميزائل ۽ ڊرونز حملن جي صورت ۾) ثابت ڪري ٿو ته هيءَ جنگ رڳو سرحد جي لڙائي ناهي. ايران جي “مقدس دفاع” واري حڪمت عملي هاڻي گوريلا جنگ ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي ذريعي آمريڪي مفادن کي سڄي دنيا ۾ نشانو بڻائي رهي آهي. سياسي ۽ اخلاقي طور تي واشنگٽن پاڻ کي هڪ اهڙي گهيري ۾ ڦاسائي چڪو آهي جتان نڪرڻ جو رستو ناهي. عرب ملڪ، جيڪي گذريل ڪجهه سالن کان سياحت ۽ معيشت جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا هئا، هن وقت سڀ کان وڌيڪ نقصان جو شڪار آهن. بحرين، قطر ۽ يو اي اي (UAE) ۾ موجود آمريڪي اڏا هاڻي ايراني ميزائلن جو آسان هدف آهن. دبئي جهڙي عالمي تجارتي مرڪز تي حملن سياحت ۽ هوائي صنعت کي سخت ڌڪ رسايو آهي. هرمز جي تنگي (Strait of Hormuz) جي بندش عالمي تيل جي سپلاءِ کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سان عرب ملڪن جي مالي طاقت ۽ استحڪام خطري ۾ پئجي ويو آهي. عالمي معيشت تي اثر،هن جنگ دنيا کي هڪ اهڙي معاشي بحران ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن جو مثال ماضيءَ ۾ گهٽ ملي ٿو. تيل جي قيمتن ۾ اوچتو 17 سيڪڙو ۽ گئس جي قيمتن ۾ 70 سيڪڙو اضافو سڄي دنيا ۾ مهانگائي جو طوفان کڻي آيو آهي. عالمي سپلاءِ بند ٿيڻ سبب يورپ کان ايشيا تائين عام واهپي جي شين جون قيمتون چوٽ چڙهي ويون آهن. هي رڳو هڪ علائقائي تڪرار ناهي پر عالمي مارڪيٽن جي تباهي جو پيش خيمو بڻجي رهيو آهي. پاڪستان جي معيشت: پاڪستان لاءِ هن جنگ تمام خراب صورتحال کي سامهون آئندو آهي . توانائي جي قيمتن ۾ واڌ اسان جي درآمدي بل کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي. بجلي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي سبب عام ماڻهوءَ جي زندگي اڳي ئي اجيرن هئي ويتر خراب ٿي وئي آهي هاڻي ملڪ ۾ “معاشي هنگامي حالتن جهڙي صورتحال آهي. تعليمي ادارن جي بندش ۽ سرڪاري خرچن ۾ ڪٽوتيءَ جهڙا قدم ظاهر ڪن ٿا ته اسان جي معيشت هن عالمي جهٽڪي کي برداشت ڪرڻ جي سگهه نه ٿي رکي. هوڏانهن ايران جي لاءِ هي جنگ “اخلاقي فتح” جو روپ وٺي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ محصور ملڪ هجڻ جي باوجود هن عالمي طاقتن آڏو سر نه جهڪايو آهي. ٻئي طرف، آمريڪا ۽ اسرائيل جي “فوجي طاقت” هاڻي عالمي برادريءَ جي نظر ۾ تنقيد جو نشانو بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته هي جنگ امن جي بجاءِ وڌيڪ انتشار جو سبب بڻجي رهي آهي. وقت جو تقاضا آهي ته عالمي طاقتون جنگ جي بجاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪن، ٻي صورت ۾ هي شعلا صرف وچ اوڀر تائين محدود نه رهندا، پر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيندا.










