آصف زرداري جي ڌماڪيدار انٽري حڪومت جا بنياد لوڏي ڇڏيا

آصف زرداري جي ڌماڪيدار انٽري حڪومت جا بنياد لوڏي ڇڏيا

تحريرعبدالمجيد بروھي 

وفاقي حڪومت ھڪ مھيني کان پنھنجي خاص ايجنڊا تي ھلندي پي ڊي ايم اختلاف پيدا ڪرڻ جي لاء ڪوڙ تي پروپيگنڊا ڪري رھي ھئي وفاقي وزير جن ۾ شيخ رشيد فواد چوڌري شبلي فراز سميت شاھ محمود قريشي پڻ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ڏنل بيانن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رھيا ھيا بلاول ڀٽي جي حمايت ۾ وڌ کان وڌ بيان ڏيڻ ۾ لڳي ويا ھيا ايتري قدر جو ائين بـه چوندا پيا وتن تـ بلاول ڀٽو اڳيان اچي اسان ان جي پويان ھلڻ لاء تيار آھيون بلاول ڀٽي جي تازي بيان جنھن ۾ ھن چيو ھيو تـه اسين وزيراعظم سميت اسپيڪر ۽ پنجاب جي وڏي وزيرکان ويندي بلوچستان جي وڏي وزير کي آئيني طريقي سان بي اعتمادي رٿ آڻي ھٽائڻ چاھيون ٿا بلاول ڀٽي جي  ان بيان بعد وفاقي وزيرن سميت  اردو ميڊيا جا اينڪر جي ھميشه وفاقي حڪومت جي جي حضوري ۾ لڳل ھوندا آھن اھي تحرڪ ۾ اچي ويا بريڪنگ نيوز لڳائي چوڻ لڳا پي ڊي ايم ٽٽي وئي پي ڊي ايم ۾ اختلاف تيز ٿي ويا آھن ھاڻي ھي ڪڏنھن بـ حڪومت کي ٽف ٽائم نٿا ڏئي سگھن وغيرا وغيرا انھن جي بيانن  کي وڌيڪ سگھ ان وقت ملي جڏنھن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي جي بيان بعد فورن ن ليگي اڳواڻ احسن اقبال صاحب ميڊيا تي اچي چوڻ لڳو تـه اسين پ پ پ جي بي اعتمادي ذريعي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ واري تحريڪ جا مخالف آھيون اسان وٽ ايترا نمبرز ئي نـه آھن پوء بلاول ڀٽو ڪيئن بي اعتمادي رٿ کي ڪامياب ڪرائيندو حڪومت کي صرف لانگ مارچ ۽ استعيفائن سان ئي ھٽائينداسين ۽ ان طريقي سان ئي ادارن جي مداخلت کي روڪينداسين احسن اقبال بيان ڏئي وفاقي وزيرن ۽ اردو ميڊيا جي اينڪرن جيڪي وفاقي حڪومت جا پگھاردار آھن انھن کي وڌيڪ تيزي ڏياريائين ھر طرف کان پ پ پ کي شق جي نظر سان ڏسڻ لڳا پي ڊي ايم ۾ اختلافن جون ڳالھيون زور وٺي رھيون ھيون ان سڄي صورتحال کي ڏسي مردمجاھد پاڪستان جي سياست جو بادشاھ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پاڻ ميدان ۾ نڪري آيو ۽ ان اھڙو تـه ڌماڪيدرا انٽري ڪيائين جو حڪومتي ديوار ئي لڏي ويا آھن آصف علي زرداري چيو تـه ھي لولي لنگڙي حڪومت آھي ھاڻي ھن کي صرف آخري ڌڪو ڏيڻو آھي انجي ڪري ھنن جي خلاف ھر طرف کان وار ڪنداسين ۽ پي ڊي ايم سان گڏجي ھنن عوام دشمنن کي گھر موڪلينداسين ھر طرح جو ڪارڊ استعمال ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي اسين پي ڊي ايم سان گڏجي حڪومت خلاف چئني پاسن کان وار ڪري ھنن کي ٻاھر ڪڍي ڇڏينداسين ھوڏانھن آزاد ذريعين ۽ سٺي ساک رکندڙ ڪجھ قلمڪارن ۽ تجزيي نگارن جو پڻ اھو چوڻ آھي تـ آصف علي زرداري پنھنجا سمورا پتا شو ڪرڻ وارو آھي جنھن ذريعي ھو آساني سان حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪري سگھي ٿو انجي لاء ھنن پوري تياري ڪري ورتي آھي سينيٽ اليڪشن ۾ پڻ حڪومت کي ٽف ٽائم ڏئي سگھجي انڪري۔ ئي وفاقي حڪومت سينيٽ اليڪشن ھٿ مٿي ڪري ووٽ ڏيڻ جي ڳالھ ڪري رھي آھي ڇو تـ کين پڪ آھي ته انھن جا ڪيترائي صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر ھنن کي ووٽ ڪو نـه ڪندا انھن کي ان کان اڳ ٿيل سينيٽ اليڪشن ياد آھي جن ۾ ڪي پي ڪي ۽ پنجاب اسيمبلين مان پ پ پ وارن جا ووٽ نـه ھئڻ باوجود اتان انھن جا سينيٽر چونڊجي ويا ھيا ان جي ڪري ئي وفاقي حڪومت ڳجھي ووٽ بجاء ھٿ مٿي ڪري ووٽ ڪرائڻ چاھي ٿي 

عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ کي ڪيئن ڪامياب ڪرائيندا بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداري اھو سوال ڪرڻ بـه غلط آھي ڇو ته توھان ۽ اسان کان بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير سردار ثناء الله زھري جي حڪومت کي وسارڻ نه گھرجي پ پ پ جا ان اسيمبلي ۾ ووٽ به نه ھيا ان باوجود بلوچستان جي ان وقت جي حڪومت کي آساني سان بي اعتمادي رٿ ذريعي گھر ڀيڙو ڪرائڻ واري لاء وفاقي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ ڏکيو نه آھي ڇو ته ھن وقت وفاقي حڪومت صرف ڪجھ سيٽن جي ڪري ٽڪيل آھي ۽ اھي ڪجھ سيٽ ھيڏي ھوڏي ڪرڻ مشڪل پڻ نه آھي ڇو ته ھن وقت جي ڊي اي وارا پڻ آصف علي زرداري سان رابطي ۾ آھن جي ڊي اي جي سربراھ موجودا پيرسائين پاڳاري سان آصف علي زرداري جي ننڍ پڻ جي ياري آھي ۽ توھان ۽ اسان کي خبر پڻ آھي تـه آصف علي زرداري يارن جو يار آھي ڪجھ به ھجي ھو پنھنجي دوستن سان ھميشه ساٿ نڀائيندو رھندو آھي ۽ ھن وقت اھا ياري پير سائين پڻ نڀائي سگھي ٿو ان کان علاوا ايم ڪيو ايم وارا ته آھن ئي ڦرڻا ۽ اشاري جي انتظار ۾ ھوندا آھن اگر انھن کي لنڊن مان اشارو مليو تـ اھي به آصف علي زرداري سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھلڻ ۾ دير نه ڪندا ق ليگ وارن سان پ پ پ جا رابطا شروع کان جاري آھن ۽ اھي پڻ پنجاب حڪومت ملڻ جي صورت ۾ وفاقي حڪومت کي الوداع ڪري سگھن ٿا آزاد ذريعن مان معلوم ٿيو آھي ته پي ٽي آء جا پنجاھ کان مٿي قومي اسيمبلي جا ميمبر ھن وقت پ پ پ سان رابطي ۾ آھن ۽ انھن قسم ساک سان اھو وچن ڪيو آھي ته  اھي سڀ حڪومت خلاف ووٽ ڪندا ۽ پ پ پ جو ساٿ ڏيندا. ھن وقت پ پ پ جا تمام پارلياماني ميمبر پارٽي سان سچا ۽ وفادار آھن جڏنھن تـه خدشا اگر آھن تـه اھي خدشا ن ليگ جي اسيمبلي ميمبرن بابت آھن ڇو تـه ن ليگ پنجاب جا پنج کان ڇھ اسيمبلي ميمبر ھن وقت تائين پنجاب حڪومت سان ساٿ ڏين پيا ھن وقت آصف علي زرداري وفاقي حڪومت کي گھر ڀيڙو ڪرڻ لاء تيارآھي بس ھاڻي۔  ن ليگ وارن کي پنھنجي اسيمبلي ميمبرن کي  سنڀالڻ گھرجي ڇو تـه ھاڻي انھن جي صفن مان اگر غدار نڪتا تـه پوء اھي ھن تحريڪ کي نقصان پھچائي سگھن ٿا 

پهنجو تبصرو موڪليو